مانجھند: جيھا ڏاھاڻي ڌرين ۾ خوني تڪرار جو جرڳو، 18 لک ڏنڊ مقرر

جرڳو نجف ڪماريو ۽ سيد جنيد شاھ راشدي جي سرپهنچي هيٺ

مانجھند: جيھا ڏاھاڻي ڌرين ۾ خوني تڪرار جو جرڳو، 18 لک ڏنڊ مقرر

مدئجي ويجهو بهمڻ پلاٽ لڳ جيها-ڏاهاڻي خوني تڪرار تان جيها برادري جي هڪ نوجوان جو قتل شر برادري مٿان ثابت ٿيڻ جو جرڳو نجف ڪماريو ۽ سيد جنيد شاھ راشدي جي سرپهنچي هيٺ نئون ديرو لڳ راشدي هائوس تي ٿي گذريو. ساجد جيهو ۽ بخت علي شر ڌرين وچ ۾ جرڳو ٿيو جنهن ۾ يونس جيهو جو قتل بخت شر جي ڌر مٿان ثابت ٿيڻ تي 18 لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. ڏنڊ مقرر ٿيڻ بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون، شر برادري جي ماڻهن مٿان قتل ٿيل يونس جيهو جي مارائڻ جي سي اء ڊي ڪرائڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ڏنڊ وڌو ويو. سيد جنيد شاھ راشدي جو چوڻ آحي تھ جيها ۽ شر برادري وچ ۾ غلط فهمي تان مامرو هلندڙ هيو جن جو فيصلو ڪيو آهي ڌريون کير کنڊ ٿي ويون آهن-