سنڌ ملاح فورم جي چيئرمين سائين رکيو ميراڻي جي صدارت ھيٺ گڏجاڻي ٿي گذري

ماجد سڪندر ملاح کي سنڌ ملاح فورم جو صوبائي صدر مڌر ونگ جون ذميواريون سونپيون ويون

سنڌ ملاح فورم جي چيئرمين سائين رکيو ميراڻي جي صدارت ھيٺ گڏجاڻي ٿي گذري

ٺٽو( ڊر) سنڌ ملاح فورم جي چيئرمين ڊاڪٽر سائين رکيو ميراڻي، صوبائي سيڪريٽري جنرل ذوالفقار علي ملاح، سينئر صوبائي نائب صدر سهيل شفيع ڄاموٽ، سنڌ ملاح فورم جي مرڪزي نائب صدر ڏاڏا محمد آدم گندرو ملاح، صوبائي انفارميشن سيڪريٽري ظهور احمد ملاح، مرڪزي قيادت توڙي ڊويزنل صدرن جي صلاح مشوري سان سنڌ ملاح فورم ڪراچي ڊويزن جي صدر ماجد سڪندر ملاح کي سنڌ ملاح فورم جو صوبائي صدر مڌر ونگ جون ذميواريون سونپيون ويون، ھنن چيو تہ اسان کي فخر آهي ته ماجد سڪندر ملاح جن فورم ۾ ضلعي ليول کان محنت ڪري سنڌ جي صدارت حاصل ڪئي آهي، جيڪا سندس محنتن ۽ محبتن جو نتيجو آهي، ھنن چيو تہ ماجد سڪندر ملاح جو والد مرحوم حاجي سڪندر علي ملاح جن پڻ برادري ۽ سنڌ ملاح فورم جي صوبائي سيڪريٽري جنرل ۽ صوبائي صدر جون ذميواريون عبادت سمجهي نڀايون ھيون، جن جو گهراڻو هميشه پنهنجي برادري جي خدمتن ۾ اڳڀرو رهيو آهي، اسين ماجد سڪندر ملاح جن کي سنڌ ملاح سوشل فورم جون صوبائي ذميواريون ملڻ تي پڻ کيس مبارڪون ڏيندي اميد ظاھر ڪريون ٿا ته ھو پنهنجي برادري جي خدمت اڳ کان بہ وڌيڪ عبادت سمجهي جاري رکندو. هوڏانهن مرڪزي قيادت پاران سنڌ ملاح فورم ڪراچي ڊويزن مڌر ونگ جي باڊي فلحال معطل ڪئي وئي آهي، جيڪا جلد مرڪز جو اجلاس ڪوٺائي ان کي نئين سر مڪمل ڪيو ويندو، اخر ۾ اھو پڻ فيصلو ڪيو ويو تہ 21 نومبر ماھيگيرن جي عالمي ڏينھن کي ڀرپور نموني ملھائڻ لاء ان ڏيھاڙي تي سيمينار منعقد ڪري ريليون ڪڍي ماھيگيرن کي پنھنجا سمورا بنيادي حق ڏيئي سندن روزگار جي وسيلن تي ٿيل قبضا خالي ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويندو.