اسلام اسان کي پيار، مذهبي رواداري ۽ رواداري جو درس ڏئي ٿو: ڊي سي محمد ارسلان سليم

اسان جي ملڪ ۾ سڀني اقليتن کي مسلمانن جي برابر حيثيت ۽ حق حاصل آهن: ڊي سي نوشھروفيروز

اسلام اسان کي پيار، مذهبي رواداري ۽ رواداري جو درس ڏئي ٿو: ڊي سي محمد ارسلان سليم

نوشهرو فيروز (ڊر) ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم چيو ته اسلام اسان کي پيار، مذهبي رواداري ۽ رواداري جو درس ڏئي ٿو. اسان جي ملڪ ۾ سڀني اقليتن کي مسلمانن جي برابر حيثيت ۽ حق حاصل آهن. هن چيو ته اڄ هتي سمورن مذهبن جا ماڻهو گڏ ويٺا آهن، جيڪا خوشي جي ڳالهه آهي. سيمينار کي خطاب ڪندي جميعت علماءِ اسلام جي ضلعي صدر مولانا عبدالرحمان ڏنگراج چيو ته نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو آهي ته مسلمان اهو آهي جنهن جي هٿ ۽ زبان سان ڪنهن کي به تڪليف نه پهچي. اسلام سڀني کي انھن جا برابري جا حق ڏئي ٿو. سيمينار کي خطاب ڪندي مولانا عارف علي لنڊ چيو ته اسلام جو پيغام اتحاد پيدا ڪرڻ آهي. هن چيو ته دهشتگردن جو ڪو به مذهب ناهي هوندو، دهشتگردي هڪ شخص ڪري ڪري اسلام جي نالي کي بدنام ڪيو ويندو آهي.ان اپيل ڪئي ته بدامني پکيڙيندڙن کي سزا ڏني وڃي، سيمينار کي سيد زاهد حسين شاهه ۽ مکي اتم داس ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.