وارهه ۾ اجتماعي ڏاڍائي بعد زخم خراب ٿيڻ ڪري فوت ٿيل ناري سان انصاف نه ٿيو

نازيه چنا ڪيس ۾ 302 جو قلم ناهي لڳايو ويو، ڊي اين اي رپورٽ به پڌري نٿي ڪئي وڃي: وارث

وارهه ۾ اجتماعي ڏاڍائي بعد زخم خراب ٿيڻ ڪري فوت ٿيل ناري سان انصاف نه ٿيو

وارھہ جي وارث ڪالوني ۾ 2 مهينا اڳ جنسي ڏاڍائي جو شڪار ٿيل انصاف جي اوسيئڙي ۾ فوت ٿيل ناري نازيه چنه سان انصاف نه ٿي سگهيو ناري جي وارثن پاران احتجاجي پريس ڪانفرنس ڪئي وئي جتي ناري جي والد اختيار چنو،ظفر چنو ۽ ٻين دانهيو ته 2 مهينا اڳ سندن نياڻي نازيه چنو سان 5 جوابدارن جنسي ڏاڍائي ڪئي هئي جيڪا مسلسل بيمار رهڻ بعد ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي هنن چيو ته ڪيس جي جوابدارن وزير ڇٽو،عيسيٰ کرل ۽ خادم ڇٽو کان ڊي اين اي سيمپل ورتا ويا هيا جن جو نتيجو به اڃا تائين پڌرو ناهي ڪيو ويو هنن چيو ته اسان کي انتظاميا روز آسرا پئي ڏئي ايف آء آر ۾ 302 جا قلم بہ شامل نه پيا ڪيا وڃن هنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان آء جي سنڌ کان مطالبو ڪيو تہ جلد رپورٽ پيش ڪري نازيہ جي گينگ ريپ ڪيس ۾ قتل جو قلم شامل ڪري جوابدارن کي ڦاهي جي ڦندي تي لٽڪائي اسان جي نياڻي جي خون سان انصاف ڪيو وڃي .