ڏوڪري: عدالتي حڪم تي امروٽ ٻيلي ۾ آپريشن، 3 ايڪڙ زمين تان قبضو ختم ڪرايو ويو

ھيوي ڪرينن جي مدد سان غير قانوني ٽيوب ويل ھٽائي، ربيع جي فصل لاءِ ڪيل تياري ختم ڪئي وئي

ڏوڪري: عدالتي حڪم تي امروٽ ٻيلي ۾  آپريشن، 3 ايڪڙ زمين تان قبضو ختم ڪرايو ويو

ڏوڪري (اطهر ميمڻ)ڏوڪري ويجھو عدالتي حڪم تي امروٽ ٻيلي ۾ ٻيلي کاتي جو وڏو آپريشن. غير قانوني قبضو ٿيل 3 سوَ ايڪڙ سرڪاري زمين تان پوليس جي مدد سان قبضو ختم ڪرايو ويو.ھيوي ڪرينن جي مدد سان غير قانوني ٽيوب ويل ھٽائي، ربيع جي فصل لاءِ ڪيل تياري ختم ڪئي وئي. سرڪاتي زمين تي ربيع جو فصل پوکڻ کان پاسو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ وڌيڪ ڪارروائي ڪري ڪيس داخل ڪيو ويندو(ڊي ايف او مالڪ ڏنو ملاح)تفصيل موجب ھاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ڊي ايف او لاڙڪاڻو مالڪ ڏنو ملاح،رينجر عبدالڪريم مڱريو ۽ ڊي ايس پي باقراڻي جي اڳواڻي ۾ يونيورسٽي ٿاڻي جي پوليس ھٽري غلام شاھ، حسن واهڻ ۽ٻين ٿاڻن جي پوليس جي وڏي جي مدد سان امروٽ ٻيلي ڪارروائي ڪئي وئي.جنهن ۾ غير قانوني طور 3 سوَ کان وڌيڪ سرڪاري زمين تي ڪارروائي ڪري قبضو ختم ڪرايو.ڪارروائي دوران ھيوي ڪرين مشينن ذريعي غير قانوني ٽيوب ويل ختم ڪيا ويا، جڏهن تہ ربيع جي فصل جي تياري پڻ ٽريڪٽر جي مدد سان ختم ڪرائي وئي.انهي موقعي تي ڊي ايف او لاڙڪاڻو مالڪ ڏنو ملاح ميڊيا کي ٻڌايو ته ھي آپريشن ھاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ڪيو پيو وڃي، جيستائين ٻيلي کاتي جي زمين تي غير قانوني قبضو نٿو ختم ڪرايو وڃي ايستائين آپريشن جاري رکيو ويندو.