ڊي سي سجاول عبدالواجد شيخ جي زميندارن ۽ ملڪ مالڪن سان گڏجاڻي

بدين ۽ ٺٽي ضلعن جي انتظاميه پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشنز تحت مقرر ڪيل اگھن مطابق ساريون خريد ڪيون وينديون

ڊي سي سجاول عبدالواجد شيخ جي زميندارن ۽ ملڪ مالڪن سان گڏجاڻي

سجاول (گلشيرميربحر) ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ جي صدارت هيٺ سارين ۾ ڪٽوتي جي مسئلن جي حل لاءِ زميندارن ۽ مل مالڪن سان سندس آفيس م گڏجاڻي منعقد ٿي ، جنهن ۾ رائيس ملز مالڪن ۽ زميندارن سميت لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي - ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ چيو ته پاڪستان جي معيشت جو دارومدار زراعت تي آهي جڏهن ته ڪپھ بعد سارين جو فصل اسان جي ملڪ جو ٻيو وڏو فصل ھوندو آھي - ھن چيو ته سارين جي فصل جي ڪٽوتي م ڪنهن سان به زيادتي نه ڪئي ويندي - گڏجاڻي م فيصلو ڪيو ويو ته بدين ۽ ٺٽي ضلعن جي انتظاميه پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشنز تحت مقرر ڪيل اگھن مطابق زميندارن کان ساريون خريد ڪئي وينديون ان کان علاوه 20 سيڪڙو مواسچر فري ۽ 41 ڪلو بدران 40 ڪلو في مڻ جڏهن ته مزدوري 20 روپين کان گھٽ ڪري 15 روپيا في مڻ مقرر ڪئي وئي - ان موقعي تي موقعي تي سمورن شرڪت ڪندڙن ضلعي انتظاميه جي ڪوششن کي ساراھيندي پنهنجي اطمينان جو اظهار ڪيو جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر پاران کين پنهنجي ھر قسم جي سھڪار جو يقين پڻ ڏياريو ويو –