ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر ٺٽو محمد عمران آرائين جي صدارت هيٺ اجلاس

اجلاس ۾ ايندڙ عام چونڊن ۽ بلدياتي ضمني چونڊن لاءِ پولنگ اسٽيشنن تي سهولتن جي حوالي سان غور ويچار

ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر ٺٽو محمد عمران آرائين جي صدارت هيٺ اجلاس

ٺٽو( ڊر) ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر ٺٽو محمد عمران آرائين جي صدارت هيٺ ايندڙ عام چونڊن ۽ بلدياتي ضمني چونڊن لاءِ پولنگ اسٽيشنن تي سهولتن جي اڻهوند بابت اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ايگزيڪيوٽو انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس محمد علي ڳاهو، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري حضور بخش خاصخيلي، ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر محمد حسن سومرو، چيف مانيٽرنگ آفيسر سجاد احمد انصاري، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر محفوظ علي سومرو، ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر آفيس جي سينيئر اسسٽنٽ نعمان عيساڻي، پبلڪ هيلٿ، صحت ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايجوڪيشن ورڪس کاتي جي عملدارن ٻڌايو ته پولنگ اسٽيشنن لاءِ مقرر ڪيل 425 اسڪولن جي عمارتن مان 72 اسڪولن جي عمارتن ۾ سهولتن جي دستيابي لاءِ مرمتي ڪم جي ضرورت ھئي ۽ هن وقت تائين 35 اسڪولن جو مرمتي ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي جڏهن ته 37 اسڪولن جي حالت انتهائي خراب آهي انھن جو مرمتي ڪم فنڊز جاري ٿيڻ بعد شروع ڪيو ويندو. ان موقعي تي ضلعي اليڪشن ڪمشنر محمد عمران آرائين چيو ته پولنگ اسٽيشنن لاءِ مقرر ڪيل اسڪولن جي عمارتن ۾ واش رومز، پاڻي، بجلي ۽ ٻين سمورين گهربل سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن چونڊن دوران پولنگ عملي ۽ ووٽرن کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن ڏيڻو نه پوي ۽ چونڊن واري عمل کي خوش اسلوبي سان تڪميل تائين پھچائي سگهجي.