قبله اول ۽ مسجد اقصى کي فقط بيان بازي سان آزاد نٿو ڪرائي سگهجي: محمد حسين محنتي

فلسطين ۾ حماس جي مجاھدن قابض رياست جو غرور مٽي ۾ ملائي مسلمانن کي جاڳائي ڇڏيو

قبله اول ۽ مسجد اقصى کي فقط بيان بازي سان آزاد نٿو ڪرائي سگهجي: محمد حسين محنتي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته فلسطين ۾ حماس ناجائز اسرائيلي فوج جو غرور خاڪ ۾ ملائي اڄ پوري امت کي جاڳائي ڇڏيو آهي، رڳو بيان بازي ۽ مذمت سان قبله اول بيت المقدس کي يهودين کان آزاد نٿو ڪرائي سگهجي مزاحمت ضروري آھي، اسرائيلي ۽ يهودي ڪمپنين جي مصنوعات جو بائيڪاٽ ڪري غزه جي مظلوم مسلمانن سان يڪجهتي ۽ اسرائيلي وحشت سان نفرت جو اظهار ڪيو وڃي، غزه مٿان اسرائيلي بمباري ۾ 2837 عام شهري جن ۾ 738 معصوم ٻار ۽ 936 عورتون شامل آهن جڏهن ته نَو هزار کان وڌيڪ شهري زخمي جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسرائيلي سرِعام فلسطينين جي نسل ڪشي ۽ جنگي ڏوه ڪري رهيو آهي، پر کيس ڪير به پُڇڻ وارو ڪونهي، 27 لک آبادي واري شهر کي تباه ڪيو ويو، پر عالمي انساني حقن جون تنظيمون، نام نهاد عالمي طاقتون ۽ مسلم حڪمران خاموش تماشائي بڻيل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن جي يو آءِ سنڌ جي نائب صدر مولانا عبدالڪريم عابد ۽ مرڪزي مسلم ليگ جي اڳواڻ نديم اعواڻ سان ملاقات دوران ڪئي، ان موقعي تي صوبائي امير کين جماعت اسلامي سنڌ پاران 19 آڪٽوبر تي قباء آڊيٽوريم ۾ رٿيل “ فلسطين ڪانفرنس” جو دعوت نامو پڻ پيش ڪيو. ان موقعي تي حافظ امجد، ابرار احمد ۽ صوبائي سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا پڻ موجود هئا. محمد حسين محنتي وڌيڪ چيو ته فلسطين ۽ غزه جي تازه ترين صورتحال جتي هزارين مائرن، ڀينرن، معصوم ٻارن ۽ جوانن کي شهيد، لکين انسانن جو پاڻي، بجلي، گئس ۽ خوراڪ بند ڪرڻ باوجود امت مسلمه جا بي حس ۽ معذور حڪمرانن نٿا جاڳن ۽ امريڪي سامراج جي خوف کان بي حس بُت بڻجي ويٺل آهن ته پوءِ 57 اسلامي ملڪن جي ميزائلن، ٽينڪن، لکين فوجي جوانن ۽ ايٽمي قوت مٿان ناز ڪرڻ بدران کين ٻڏي مرڻ گهرجي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته مسلم حڪمران روز روز همدردي وارن بيانن ۽ ڪهاڻيون ٻڌائڻ بند ڪري غزه جي جنگ ۾ ظالم وحشي اسرائيلي فوج خلاف جهاد جو اعلان ڪري نه ته ڏيڍ ارب مسلم اُمت کين ڪڏهن به معاف ڪونه ڪندي.