نوشھروفيروز ۾ ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ڊوين جي صدارت ھيٺ اجلاس

مريضن کي دوائن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ بهتر طبي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي: محمد سجاد حيدر

نوشھروفيروز ۾ ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ڊوين جي صدارت ھيٺ اجلاس

نوشهرو فيروز (ڊر) ڪمشنر شهيد بينظير آباد ڊويزن سيد محمد سجاد حيدر سمورن سرڪاري اسپتالن جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ کي هدايت ڪئي آهي ته مريضن کي دوائن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ بهتر طبي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي اھڙن خيالن جو اظهار ھن نوشهروفيروز جي دوري جي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اسپتالن جا اسٽور دوائن سان ڀريل ھوندا آهن پر مريضن کي دوائون نه ڏنيون وينديون آهن ، هن چيو ته حڪومت دوائن جي خريداري تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪري ٿي، اها سڀني جي ذميواري آهي ته اسان اهي دوائون غريب مريضن تائين پهچايون، هن ڊاڪٽرز کي ھدايت ڪئي ته مريضن کي ڪراچي ريفر ڪرڻ جي روايت ختم ڪئي وڃي ۽ هتي ئي مريضن جو علاج ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ڪراچي جا ڊاڪٽر به توهان جيترا اهل آهن. هن چيو ته سرڪاري اسپتالن ۾ رڳو غريب ئي علاج لاءِ اچن ٿا، ڪراچي جي اسپتالن ۾ علاج جو خرچ برداشت نه ٿا ڪري سگهن. هن چيو ته اسپتال جي وارڊن ۾ داخل مريضن کي ضرورت جي صورت ۾ ٻاهران دوا گھرائي ڏني وڃي ۽ مقامي طور تي خريد ڪيل دوائون ڪنهن کي به شفارش تي نه ڏين. هن اسپتالن ۾ صفائي سٿرائي جو نظام بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هن تعليم کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ڇو ته ايندڙ چونڊن ۾ انهن اسڪولن ۾ پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون وينديون ته جيئن اتي پاڻي، واش روم ۽ بجلي جي دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي. هن پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ ٽائون ڪميٽين جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته شهرن ۾ صفائي جي نظام کي بهتر بڻايو وڃي، هن مونو ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ جي پرنسپال کي هدايت ڪئي ته ٽيڪنيڪل ادارن کي بهتر بڻايو وڃي. ان کان اڳ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ۽ ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ سول اسپتال نوشهروفيروز سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ ٻين طبي عملي جي کوٽ جي نشاندهي ڪئي. جنهن تي ڪمشنر چيو ته نوشهروفيروز ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ کي سيڪريٽري صحت سان ڳالهائي ختم ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سميع الله سنجراڻي، اسسٽنٽ ڪمشنرن، ضلعي ايجوڪيشن آفيسرن، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، ٽائون ڪميٽي جي آفيسرن ۽ مختلف ٽيڪنيڪل ڪاليجن جي پرنسپالن شرڪت ڪئي.