سجاول ۾ شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ريلي

اسان سنڌ جي ھر شھر ۾ جان محمد مھر جي بي رحماڻي قتل خلاف احتجاج ڪري رھيا آھيون: اڳواڻ

سجاول ۾ شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ريلي

سجاول (گلشيرميربحر) سکر ۾ شھيد ٿيل صحافي جان محمد مھر جا قاتل گرفتار نہ ٿيڻ خلاف حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس پاران سجاول ۾ ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي اڳواڻن لالا رحمان سمون،خالد کوکر، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي اڳواڻن اقبال ملاح، جئہ پرڪاش موراڻي، سينيئر صحافي جميل احمد ميمڻ جي اڳواڻي ۾ مامون لاڏو چوڪ کان پبلڪ پارڪ تائين ريلي ڪڍي سخت احتجاج ڪيو ويو. ريلي کي خطاب ڪندي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي اڳواڻ لالا رحمان سمون چيو تہ اسان سنڌ جي ھر شھر ۾ شھيد جان محمد مھر جي بي رحماڻي قتل خلاف احتجاج ڪري رھيا آھيون. اسان جو احتجاج دراصل شھيد جان محمد مھر جو تڏو آھي جيڪو اسان سنڌ جي ھر ضلعي ھيڊ ڪوارٽر شھر جي سياسي سماجي ڌرين، صحافين ۽ باشعور ماڻھن ڏانھن کڻي وڃي رھيا آھيون ۽ کين ٻڌائي رھيا آھيون تہ شھيد جان محمد مھر کي ڪيئن نہ منظم رٿابندي سان شھيد ڪيو ويو. ھن چيو تہ شھيد جان محمد مھر جا قاتل گرفتار نہ ٿيڻ جو سبب شايد اھو آھي جو قاتل يا تہ حڪومت کان ڏاڍا آھن يا حڪومت خود انھن جي ساٿاري بڻيل آھي. ريلي کي خطاب ڪندي پي ايف يو جي جي مرڪزي اڳواڻ خالد کوکر چيو تہ ڪيترائي مھينا گذرڻ باوجود شھيد جان محمد مھر جا قاتل گرفتار نہ ٿيڻ حڪومت جي ناڪامي آھي ۽ حڪومت جي لاءِ ٻڏي مرڻ جو مقام آھي. ھن چيو تہ ايف آئي آر ۾ نامزد ٿيل قاتل پنھنجي وائرل ٿيل ويڊيو بيان ۾ اھو اعتراف ڪري رھيا آھن تہ پوء حڪومت وٽ ڪھڙي رڪاوٽ آھي جو ڄاتل سڃاتل قاتل گرفتار نہ ٿي سگھيا آھن. ھن چيو تہ شھيد جان محمد مھر جا قاتل گرفتار نہ ٿيا تہ اسان احتجاج جو چوٿون مرحلو شروع ڪنداسين جنھن ۾ اڃان وڌيڪ شدت ھوندي جنھن ۾ اسان قاتل تہ ھڪ طرف پر اسان انھن جي سرپرستن کي بہ نہ ڇڏينداسين. احتجاجي ريلي کي ايڇ يو جي اڳواڻن اقبال ملاح، جئہ پرڪاش موراڻي، نيشنل پريس ڪلب سجاول جي صدر حافظ سعداللہ ميمڻ، ٺٽو پريس ڪلب جي صدر اقبال جاکرو، سينيئر صحافي ھدايت اللہ کٽي، ايس ٽي پي جي اڳواڻ ممتاز لغاري، پيرا ميڊيڪل اڳواڻ رجب ميمڻ، جسقم اڳواڻ محمد خان پٺاڻ، اميرالبحر اڳواڻ نظير ھٿيار، صوفي سنگت جي اڳواڻ ايڊوڪيٽ سلطان کوسو پڻ خطاب ڪيو. ريلي ۾ صحافين سيف اللہ جوڻيجو، اعجاز واريو،امام ڏنو رانٽو، مقصود جوکيو، حسين آزاد، گلشيرميرڀحر ،بابو جان سجاولي, خدابخش بروھي، امام بخش کاڙڪ ۽ سميت شھرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.