نوشھروفيروز ۾ جي يو آءِ پاران فلسطين تي اسرائيلي جارحيت خلاف ريلي

مظلوم فلسطينين پهريون ڀيرو عالمي دهشتگرد اسرائيل کي سبق سيکارڻ لاءِ مٿس حملو ڪيو آھي: اڳواڻ

نوشھروفيروز ۾ جي يو آءِ پاران فلسطين تي اسرائيلي جارحيت خلاف ريلي

نوشهرو فيروز(ڊر) جمعيت علماءِ اسلام تعلقي نوشهرو فيروز پاران عباسيه مسجد اللّٰه واري چوڪ کان پريس ڪلب نوشهرو فيروز تائين فلسطينن جي مسلمانن سان اسرائيل جي ظلم ۽ بربريت خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي جنهن جي اڳواڻي مولانا عبدالرحمان ڏنگراچ، قاري عبدالحق راجپوت، اڪرم علي پيرزادو ۽ ٻين ڪئي. اڳواڻن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته مظلوم فلسطينين پهريون ڀيرو عالمي دهشتگرد اسرائيل کي سبق سيکاريو آھي ۽ انهن جي سمورين انٽيليجنس ايجنسين کي ناڪام بڻائي سالن جي قتل عام جو بدلو چڪايو آھي. هنن چيو ته هن سڄي ظلم جو ذميوار هر طرح سان اسرائيل ئي آهي، جيڪو تمام وڏي فوجي طاقت رکي ٿو ۽ ان فوجي طاقت هميشه مظلوم ۽ بي هٿيار فلسطينين جي خلاف استعمال ڪئي آھي ۽ پهريون ڀيرو کيس هيڏي وڏي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آھي. هنن چيو ته فلسطينين جي آزادي واري جنگ جي مڪمل حمايت ڪيون ٿا ۽ يهودي آبادين جي قيام لاءِ اسرائيل حملا ڪري رهيو آھي ان جي مذمت ڪيون ٿا.