ڪراچي: ڪياماڙِ ضلعي جي ڊي سي پاران ڳوٺ حسيني فقير ۾ صحت يونٽ جو دورو

ڊيوٽي تان غير حاضر ڊاڪٽرن ۽ عملي خلاف فوري طور ڪارروائي ڪئي وڃي: ڊي سي جنيد اقبال خان

ڪراچي: ڪياماڙِ ضلعي جي ڊي سي پاران ڳوٺ حسيني فقير ۾ صحت يونٽ جو دورو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪياماڙي ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر جنيد اقبال خان ڳوٺ حسيني فقير ۾ بنيادي صحت يونٽ جو اوچتو دورو ڪيو. دوري دوران ڳوٺ حسيني فقير ۾ بنيادي صحت يونٽ بند، پيل نظر آيو ڊي ڪياماڙي جنيد اقبال خان لاڳاپيل عملدارن تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي چيو ته ھن اوچتو دورو ڪيو آھي صحت کاتي جي لاپرواھي سبب سينٽر بند پيل ھو ڊي سي ڪياماڙي ٻڌايو ته دروازن کي تالا لڳل ھئا ۽ سڄو عملو سرڪاري ڪم ڇڏي دوران ڊيوٽي کان غير حاضر هئا هن لاڳاپيل صحت جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي سخت لفظن سان کين ڪاوڙ جو اظھار ڪندي ڪاروائي جي ھدايت ڪري ڇڏي ڊپٽي ڪمشنر ڪياماڙي جنيد اقبال خان ڊي ايڇ او ڪياماڙي کي غيرحاضر ڊاڪٽرن خلاف ڪاروائي جي ھدايت ڪندي ڊسڀنسنري کي فعال ڪرڻ جون پڻ ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون