ڏوهاري عنصرن خلاف سخت قدم کنيا پيا وڃن، پوليس گشت ۽ سي سي ٽي وي ڪيمرائن کي وڌايو پيو وڃي: خادم حسين رند
گڏاپ (محمد علي خاصخيلي) ڪراچي پوليس چيف خادم حسين رند سائٽ سپر هاءِ وي ايسوسي ايشن آف انڊسٽري ايريا جي سيڪريٽريٽ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي سان ايس ايس پي ايسٽ ۽ ٻيا اعليٰ پوليس آفيسر پڻ موجود هئا. سائٽ سپر هاءِ وي ايسوسي ايشن جي صدر شاهين الياس، نائب صدر سرفراز، سي پي ڪي جي سربراهه مراد سوني ۽ ٻين ميمبرن پوليس چيف جو استقبال ڪيو ۽ سندس آمد تي خوشي جو اظهار ڪندي ٽريفڪ ۽ ٻين مسئلن کان آگاهه ڪيو، جنهن تي پوليس سربراهه کين فوري طور حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو. پوليس سربراهه جو چوڻ هو ته ڏوهاري عنصرن خلاف سخت قدم کنيا پيا وڃن، پوليس گشت ۽ سي سي ٽي وي ڪيمرائن کي وڌايو پيو وڃي، جڏهن ته غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين خلاف قانوني ڪارروائي جو سلسلو جاري آهي، جنهن ۾ واپاري برادري جو سهڪار انتهائي ضروري آهي. اجلاس جي پڄاڻي تي سائيث سپر هاءِ وي ايسوسي ايشن جي ميمبرن پوليس چيف ۽ ٻين آفيسرن کي اجرڪ. سنڌي ٽوپي ۽ يادگاري شيلڊ پيش ڪئي.
0 تبصرے