سنڌ پريس ڪلب دادو جي نئين آفيس نوراني چونڪ جو افتتاح

پريس ڪلب جي مرڪزي چيئرمين رستم علي جمالي پاران افتتاح ڪيو ويو

سنڌ پريس ڪلب دادو جي نئين آفيس نوراني چونڪ جو افتتاح

دادو (عبدلعزيز ٻٻر) سنڌ پريس ڪلب دادو جي نئي آفيس نوراني چونڪ جو افتتاح سنڌ پريس ڪلب جي مرڪزي چيئرمين رستم علي جمالي پاران ڪيو ويو ان موقعي تي سنڌ پريس ڪلب دادو جي صدر آفتاب احمد جمالي سينئر نائب صدر اصغر خان ملاح نائب صدر جمع خان برھماڻي جنرل سيڪريٽري زاھد لنڊ ڌرتي ٽي ڊسٽرڪٽ رپورٽر بابو فراز احمد جمالي پاران آيل مھمانن کي گلن جا ھار پارائي گلن جي ورکا ڪري ڀرپور نموني آجيان ڪئي ان موقعي تي قلم ڌڻين سان گڏ سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي