محمد حسين جي قيادت ۾ جماعت اسلامي وفد جي آءِ جي سنڌ پوليس سان ملاقات

ڪراچي ۾ گذريل سيپٽمبرمھيني ۾ سي پي ايل سي جي رپورٽ مطابق 62 ماڻھو قتل ٿيا: محمدحسين محتني

محمد حسين جي قيادت ۾ جماعت اسلامي وفد جي آءِ جي سنڌ پوليس سان ملاقات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمدحسين محتني جي قيادت ۾ جماعت اسلامي جي وفد پوليس سينٽر ۾ آءِ جي سنڌ پوليس رفعت مختار سان ملاقات ڪئي ،وفد سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني ، اغوا ڌاڙيل راڄ ، قبيلائي جهيڙن توڙي صحافي جان محمد مھر ، ٺل جي واپاري حافظ معظم نوناري ،تعليمي ماھر پروفيسر اجمل ساوند معروف عالم دين مفتي ضياء الرحمان توڙي معصوم نياڻين فاطمہ ڦرڙو ،نازيہ چنا ۽ حسينہ کوسو جي قاتلن جي عدم گرفتاري تي ڳڻتين جو اظھار ڪندي چيو تہ ھن وقت سڄي سنڌ خاص طور تي ڪشمور،گهوٽڪي ، شڪارپور،جيڪب آباد،سکر ،خيرپور ضلعا بدامني جي باھ ۾ ٻري رھيا آھن . ڪنھن بہ شھري جي جان مال محفوظ ڪو نہ آھي . ھاڻي تہ موٽري بہ محفوظ ناھي رھيو . سنڌ ۾ بدامني ، اغوا توڙي ڌاڙيل راڄ جي خاتمي لاءِ ضروري آھي تہ ڌاڙيلن ظالم سردارن ۽ پوليس ۾ موجود ڪارين رڍن جي نيٽ ورڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪامياب آپريشن ڪري ان ڌنڌي ۾ملوث مڙني ڪردارن کي سوگهو ڪري عبرت جو سزا ڏني وڃي تہ جيئن سنڌ جو عوام ڪو سک جو ساھ ۽ سنڌ بہ ٻين صوبن وانگر ترقي ۽ خوشحالي ۾ اڳڀري ٿئي . وفد ۾ صوبائي اڳواڻ حافظ نصراللہ چنا ، عبدالحفيظ بجاراڻي، مولانا حزب اللہ جکرو ۽ مجاھد چنا پڻ شامل ھئا . سنڌ جي امير وڌيڪ چيو تہ سنڌ ۾امن امان جي صورتحال جوان مان اندازو لڳايو تہ صرف ڪراچي ۾ گذريل سيپٽمبرمھيني ۾ سي پي ايل سي جي رپورٽ مطابق 62 ماڻھو قتل جڏھن تہ اسٽريٽ ڪرائم جون 8 ھزار 70 وارداتون رپورٽ ٿيون . 5 ھزار شھرين کان موٽر سائيڪل ۽ 2 ھزار 464 کي موبائل کان محروم ڪيو ويو جيڪي وارداتون رپورٽ نہ ٿيون ان جو تہ ڪو حساب ئي ڪونھي سنڌ جي باقي شھرن ۾ عوام سان ڪھڙي حالت ھوندي الله ڄاڻي ٿو.جماعت اسلامي جي امير زورڀرپور ته عوام مظلوم جي داد رسي ۽ فوري انصاف جي فراھمي لاءِ ٿاڻو ڪلچر جي اصلاح ڪئي وڃي ، پوليس جي اعليٰ آفيسرن توڙي ٿاڻن کي وڏيرن ۽ ظالم سردارن جي پنجوڙ کان آزاد ڪري پوليس کي عوام جو خادم ، ميرٽ ۽ قابل آفيسرن کي مقرر ڪري امن ۽ معاشري ۾ پوليس جو مورال بلند ۽ اتحاد بحال ڪيو وڃي.آءِ جي سنڌ جماعت اسلامي جي وفد کي يقن ڏياريو تہ پوليس جي پھرين ترجيح سنڌ ۾ امن ۽ شھرين جي جان ۽ مال جي حفاظت آھي . ھر انسان جي جان جي قدر آھي ،ڏوھارين توڙي ڏوھن جي خاتمي لاءِ خاص حڪمت عملي سان اڳتي وڌون پيا . پر ھي ھڪ ڊگھي جنگ آھي جنھن لاءِعوام کي بہ ان ظلم خلاف اٿي کڙو ۽ پوليس جو ساٿ ڏيڻو پوندو.جماعت اسلامي جي وفد آءِ جي سنڌ کي امن امان جي بحالي جي حوالي سان لکت ۾ تجويزون توڙي ديني ڪتابن جو تحفو پڻ پيش ڪيو.#