ميرپورخاص ۾ مالھي ڪالوني واسي پاران پسند جو پرڻو

احمد علي خاصخيلي ۽ سيما خاصخيلي پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو

ميرپورخاص ۾ مالھي ڪالوني واسي پاران پسند جو پرڻو

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ)ميرپورخاص ۾ پريمي جوڙي پسند جي شادي ڪري ڇڏي سندس جانين کي خطرو آھي تحفظ جي اپيل۔(پريمي جوڙو)ميرپورخاص مالهي ڪالوني واسي 25سالن جي احمد علي خاصخيلي سيال ڪالوني واسي 25سالا سيما ڌي قادربخش خاصخيلي سان عدالت سڳوري جي فريوول بعد پسندي جي شادي ڪري ڇڏي جنهن موقعي تي پريمي جوڙي صحافين کي ٻڌايو ته سيما جي اڳ ۾ به شادي هئي هن پنهنجي اڳوڻي مڙس کان طلاق ورتي هئي ۽ هاڻ ان پنهجي پسند جي شادي احمد علي سان ڪئي ان موقعي تي سيما جو چوڻ ھو ته هو پنهنجي گهران ٽن ڪپڙن ۾ نڪري محبت جي شادي ڪئي آھي ۽ هن کي رشتيدارن پاران جان کان مارڻ جو خطرو آھي ان ضلعي انتظاميه کان تحفظ جي اپيل ڪئي آھي۔