سنڌ حڪومت جي ھدايتن تي پنج ھزار کنڊ جون ٻوريون اسسٽنٽ ڪمشنرن حوالي

ڊي سي ڪياماڙي پنج ھزار کنڊ جون ٻوريون چئن اسسٽنٽ ڪمشنر حوالي ڪري ڇڏيون

سنڌ حڪومت جي ھدايتن تي پنج ھزار کنڊ جون ٻوريون اسسٽنٽ ڪمشنرن حوالي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ھدايتن تي ڊپٽي ڪمشنر ڪياماڙي طرفان زخيرو ڪندڙ پنج ھزار کنڊ جون ٻوريون چئن اسسٽنٽ ڪمشنرن حوالي ڪري ڇڏيو ڊي آفيس ۽ ٻين ھنڌن تي اسٽال قائم ھڪ سئو ڏھ رپيا ڪلو جي حوالي سان اڍائي ڪلو جو ٿيلھو شھرين کي ڏنو پيو وڃي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي ڊپٽي ڪمشنر ڪياماڙي جنيد اقبال خان جو چوڻ ھو ته اسسٽنٽ ڪمشنر ماڙيپور ڳجھي اطلاع تي شھر جي مختلف گدامن تي ڇاپو ھڻي ھزارين کنڊ جون ٻوريون ھٿ ڪري ورتيون جنھن مان پنج ھزار زخيرو ٿيل کنڊ جون ٻوريون اسسٽنٽ ڪمشنر حوالي ڪري عوام کي ڏنيون پيون وڃن سندس چوڻ ھو ته ته عوام کي پريشان ڪرڻ لاء ھٿرادو کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ پيدا ڪئي پئي وڃي ته جئين شيون زخيرو ڪري سگھجن ڪنھن کي به کاڌي پيتي جي شين جو زخيرو ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ڊپٽي ڪمشنر ڪياماڙي چيو ته ڊي سي آفيس جا دروازا عوام جي لاء کليل آھن ڪنھن سان به ناانصافي ٿيڻ نه ڏيندا ھن چيو ته ھو پاڻ اوچتو ڇاپا ھڻي منعافي خورن خلاف ڪاروائي ڪندا