نوشھروفيروز ۾ 40 جوڙن جون اجتماعي شاديون ڪرايون ويون، تقريب منعقد

اصغريھ آرگنائيزيشن جي انتظام ھيٺ سيف فائونڊيشن ڪينيڊا جي تعاون سان شاديون ڪرايون ويون

نوشھروفيروز ۾ 40 جوڙن جون اجتماعي شاديون ڪرايون ويون، تقريب منعقد

نوشھروفيروز(ڊر) اصغريه آرگنائيزيشن پاڪستان ضلع نوشھروفيروز جي زير انتظام سيف فائونڊيشن ڪئنيڊا جي تعاون سان چنه شادي هال نوشھروفيروز ۾ 40 جوڙن جي شاندار اجتماعي شادي تقريب ٿي گذري. جنھن ۾ ڪيترن مذھبي اڳواڻن ۽ گھوٽن ۽ ڪنوارين ۽ سندن وارثن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي. تقريب ۾ تعلقه ڀريا، تعلقه مورو ۽ تعلقه نوشھروفيروز جي مختلف ڳوٺن سان تعلق رکندڙ جوڙن جا نڪاح مذھبي عالمن سڳورن پڙھيا. اجتماعي شادين جي تقريب کي محمد يوسف حسيني سيد علي نقي ڪاظمي اعجاز ممنائي ضلعي صدر عرفان علي چنه حامد علي اصغري سيد امتياز بخاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته مختلف سماجي تنظيمن جي تعاون سان سال ۾ اجتماعي شادين جون چار تقريبون منعقد ربيع الاول، رجب، شعبان ۽ ذوالحج مهيني ۾ منعقد ٿينديون آھن جن ۾ غريب ۽ مستحق جوڙن جي چونڊ ڪئي ويندي آھي ڇوته هن مهانگائيء جي دور ۾ ماڻھو هڪ وقت جي ماني کائڻ کان محروم آھن ۽ ڪيترين ئي تڪليفن کي منھن ڏيڻ تي مجبور آھن. اهڙي صورتحال ۾ ماروئڙن جي پريشاني دور ڪرڻ لاء اصغريه پاڪستان ميدان عمل ۾ آھي ۽ مسڪين ماڻھن جي خدمت ڪرڻ اسان جو فرض بڻجي ٿو اجتماعي شادين واري تقريب ۾ ھر ھڪ نياڻي کي ڏيڍ لک جو ضروري سامان پڻ ڏاج ۾ ڏنو ويو. اجتماعي شادين واري تقريب ۾ اصغريه اسٽوڊنٽس ۽ آرگنائزيشن جي مرڪزي ۽ مقامي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن، سياسي سماجي مذهبي اڳواڻن سميت صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔تقريب جي آخر ۾ وليمي جو اهتمام پڻ ڪيو ويو۔