ماڙي جلباڻي واقعي بابت عدالتي ڪميشن جوڙڻ لاءِ سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل، ڌرين کي نوٽيس جاري

عدالت درخواست منظور ڪندي ايندڙ ٻڌڻي لاءِ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

ماڙي جلباڻي واقعي بابت عدالتي ڪميشن جوڙڻ لاءِ سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل، ڌرين کي نوٽيس جاري

ڪراچي: سنڌ ھاء ڪورٽ ۾ سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ بيگناھ ڳوٺاڻن کي قتل ڪرڻ ۽ جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف درخواست داخل
سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ھاء ڪورٽ جي جج حاضر سروس جج تي ٻڌل جوڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي بيرسٽر صلاح الدين احمد ۽ درخواست گزار سنڌ بار ڪائونسل جي اڳوڻي وائيس چيئرمين ذوالفقار علي خان جلباڻي داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو تھ واقعي بابت عدالتي ڪميشن جوڙي اڻڌري جاچ ڪرائي وڃي, عدالتي ڪميشن ۾ حاضر سروس جج کي شامل ڪيو وڃي,
بيگناھ ڳوٺاڻن کي قتل ڪندڙ واقعي ۾ ملوث اھلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري ڪاروائي ڪئي وڃي
پوليس پاران واقعي جو جوابدارن جي بدران پنهنجي مرضي سان ڪيس ڪيو ويو آهي ايف آء آر ۾ جوابدارن جا نالا شامل ڪيا وڃن جوابدارن کي چالان ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي

سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ 28 سيپٽمبر تي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران ڳوٺ ۾ دھشتگرد ۽ بارودي مواد جو اطلاع ڄاڻائي ڏينھن جي روشني ۾ اچانڪ چڙھائي ڪئي جنھن نتيجي ۾ چار ڄڻا ٿڏي تي شھيد ٿي ويا جڏنھن ته ٻارن ۽ عورتن سميت 6 کان وڌيڪ ڳوٺاڻا سخت زخمي ٿي پيا

واقعي ۾ ملوث اھلڪارن خلاف ڪاروائي ڪري غريب ڳوٺاڻن سان انصاف ڪيو وڃي ڪيس جي تڪڙي ٻڌڻي ڪئي وڃي
درخواست سنڌ بار ڪائونسل جي اڳوڻي وائيس چيئرمين ذوالفقار علي جلباڻي ۽ ماھر ماھرقانودان رشيد اي رضوي جي پٽ تعماش پاران درخواست داخل ڪئي وئي آهي
عدالت درخواست منظور ڪندي ايندڙ ٻڌڻي لاءِ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا
سنڌ حڪومت، سنڌ جي گهرو وزير ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي

درخواستگذارن جو چوڻ ھو تھ سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي سانحي جي انڪوائري لاءِ هاءِ ڪورٽ جي حاضر سروس جج جي سربراهيءَ ۾ جوڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي
عدالتي ڪميشن ٺاهي واقعي جي اڻ سڌي طرح جاچ ڪئي وڃي، معصوم ڳوٺاڻن جي قتل ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي