شڪارپور ۾ ڏوھارين پوليس آڏو ھٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا

خانپور جي ڪچي ۾ آپريشن جاري آھي: ايس ايس پي شڪارپور

شڪارپور ۾ ڏوھارين پوليس آڏو ھٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا

شڪارپور (احسان ابڙو) دھشت جي علامت بڻيل ڏوھاري پولیس جي آڏو ھٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا.ایس ایس پي شڪارپور خالد مصطفیٰ ڪورائي جي ایس ایس پي آفیس ۾ پریس ڪانفرنس.آئي جي سنڌ رفعت مختار راجہ اشتھاري ۽ مفرور جوابدارن جي گرفتاري جي مھم دوران خانپور جي ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگٽڊ آپریشن جاري آھي.ٽارگٽڊ آپریشن دوران ڏوھارين جي خلاف زمین تنگ ڪري ڇڏي.خطرناک ڏوھاري ڏوھن جي دنیا ڇڏي پولیس جي آڏو سرینڊر ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو. ایس ایس پي شڪارپور جو چوڻ آھي تھ بدنام زمانہ انعام آفتہ ڏوھاري مرچو عرف داناھ ولد سھراب گھراڻي جتوئي ڏوھن جي دنیا کي خیر آباد چئي پولیس جي آڏو جھڪي پيو۔ شڪارپور جي مختلف ٿاڻن تي مرچو جتوئيء خلاف قتل،لٽمار ۽ اغوا سمیت 34 ڪيس داخل آھن. ڏوھاري قتل، اقدام قتل، لٽ ڦر، چوري ۽ پولیس مقابلن سمیت ڪيترن ئي سنگین ڪيسن ۾ گھربل ھو۔ حڪومت سنڌ خطرناڪ ڏوھاري جي زندہ یا مردہ گرفتاري تي سر جي قیمت 20 لک انعام مقرر ڪيو ھو۔واضع پیغام ڏيڻ چاھيان ٿو تہ ڏوھاري پیشہ افراد پولیس جي آڏو پیش ٿين نه تہ انھن جي خلاف انٽیلیجنس بیسڊ تي ٽارگٽڊ آپریشن ڪيو ويندو. ڏوھاري ماڻھون پولیس جي آڏو سرینڊر ڪن، ته جيئن بھتر زندگي گذاري سگھن، انھن جي خلاف ڪوئي بہ ڪيس داخل نه ٿيندو انھن سان قانوني معاونت بہ ڪئي ويندي۔شڪارپور ۾ ھر ڏوھاري، منشیات فروش ۽ وياجين جي خلاف ڪارروائي ٿيندي ڪوئي بہ اھو نہ سمجھي تہ اھي لڪي ويندا یا ڀڄي ويندا. پریس ڪانفرنس ۾ ڊي ایس پي سٽي یار محمد رند، ڊي ایس پي لکي غلام شاھ صغیر مغیری، ڊي آئي بي انچارج شاھ جھان شاھ سمیت 15 انچارج طالب حسین میمڻ بہ موجود ھئا