سنڌ جي سدا حيات ۽ مزاحمتي شاعر استاد بخاري کي وڇڙئي 31ورهيه وهامي ويا

استاد بخاري جا 27 شاعري جا ڪتاب ڇپيا، استاد جي “گيت اسان جا، جيت اسان جي” تي بندش پڻ پئي

سنڌ جي سدا حيات ۽ مزاحمتي شاعر استاد بخاري کي وڇڙئي 31ورهيه وهامي ويا

سنڌ جي سدا حيات ۽ قومي مزاحمتي شاعر سيد احمد شاهه عرف استاد بخاري کي وڇڙئي 31ورهيه وهامي ويا، سندس ورسي تي استاد بخاري ڪائونسل پاران ضلعي ڪائونسل ادبي ويهڪ منعقد ڪئي وئي آهي جنهن ۾ اديب ۽ شاعر شرڪت ڪندا، استاد بخاري 16 جنوري1930 تي دادو جي ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ سيد حاجن شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو ۽ 9آڪٽومبر1992 ۾ 62 ورهين جي ڄمار ۾ ڪينسر جي موضي مرض سبب لاڏاڻو ڪري ويو، استاد بخاري جا 27 شاعري جا ڪتاب ڇپيا، استاد جي “گيت اسان جا، جيت اسان جي” تي بندش پڻ پئي