مسلم دنيا اسرائيل جي ظلم ۽ ڏاڍ تي فلسطينين جي مڪمل حمايت ۽ مدد ڪري: راشد محمود سومرو

راشد محمد سومرو نوشھروفيروز پھتو، محمد حنيف ميمڻ جي وارثن سان تعزيت

مسلم دنيا اسرائيل جي ظلم ۽ ڏاڍ تي فلسطينين جي مڪمل حمايت ۽ مدد ڪري: راشد محمود سومرو

نوشهرو فيروز(ڊ ر) جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جو جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو نوشهرو فيروز پهتو، جتي هن وفات ڪري ويل جي يو آءِ جي ضلعي پريس ترجمان محمد حنيف ميمڻ جي وفات تي پونئيرن سان تعزيت ڪئي. ان کان علاوھ ايڪسيڊنٽ ۾ فوت ٿي ويل نوجوان محمد حسنين ميمڻ جي والد منصور ميمڻ، ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيل نوجوان وقار ميمڻ جي والد بشير احمد ميمڻ ۽ پي ڊي ايس پي امتياز ميمڻ جي پونئيرن سان پڻ تعزيت ڪئي. ان موقعي تي جي يو آءِ جو ضلعي امير مولانا عبدالرحمان ڏنگراچ به موجود هو. صحافين سان ڳالهائيندي راشد محمود سومرو چيو ته سالن کان آزادي جي جنگ وڙھندڙ فلسطينين تي ٿيندڙ ظلم ۽ بربريت تي عالمي قوتن جي خاموشي تي جيڪو فلسطينين جو رد عمل آيو آھي ان کي آزاديءَ جي جنگ سمجهون ٿا. قبلي اول بيت المقدس جي آزادي واري جنگ جي مڪمل حمايت ڪيون ٿا ۽ پوري اسلامي دنيا کي اپيل ٿا ڪيون ته هو سالن کان اسرائيل جي ظلم ۽ ڏاڍ تي فلسطينين جي مڪمل حمايت ۽ مدد ڪن. هن چيو آمريڪا ڪالهه به مظلوم قومن جي قتل ۽ ڪوس ۾ ڀاڱي ڀائيوار هو ۽ اڄ به آمريڪي صدر جوبائيڊن جو اسرائيل سان يڪجهتي ڪرڻ دنيا جي مظلوم قومن سان ويساهه گهاتي آھي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ اندر اسان ميدان عمل ۾ نڪري چڪا آھيون ۽ 11 سالن جي لُٽمار ڪندڙ ماضي جي حڪمرانن خلاف سنڌ اندر هڪ متبادل سياسي اتحاد جوڙڻ وڃون پيا ۽ اسان هڪ وڏو مارچ ڪرڻ جي تياري ۾ آھيون، جنهن ۾ سنڌ جي شعور کي ٻڌائينداسين ته پي پي نه پر اسان سنڌ جي حقيقي ترجماني جو حق ادا ڪيو آھي ۽ سنڌ جي وسيلن تي ڪنهن کي به قابض ٿيڻ نه ڏينداسين.