سنڌي ادبي سنگت پاران نوشھروفيروز ۽ ابڙان ۾ احتجاجي مظاھرا

جان محمد مھر، فاطمھ ڦرڙو جا قاتل گرفتار ڪري پريا ڪماري ۽ ٻين مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي: اڳواڻ

سنڌي ادبي سنگت پاران نوشھروفيروز ۽ ابڙان ۾ احتجاجي مظاھرا

نوشهروفيروز(ڊ ر) سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سڏ تي سنڌي ادبي سنگت شاخ نوشهروفيروز ۽ ابڙان پاران شھيد جان محمد مهر، فاطمه ڦرڙو جا قاتل گرفتار نه ڪرڻ، اغوا ڪيل پريا ڪماري جي بازيابي ۽ پروفيسر نوتن لال جي آزادي لاءِ مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي سنڌي ادبي سنگت شاخ نوشهروفيروز جي سيڪريٽري قاضي ذوالفقار، ڪائونسلر زاھد راڄپر، ابڙان جي سيڪريٽري محرم چنه، ڪائونسلر مظھر خاصخيلي، ارباب ملاح، راڻا شير محمد، عادل عباسي، آصف حسيني، اقبال راڄپر ۽ ٻين چيو ته افسوس آھي جو اڃا تائين شھيد جان محمد جا قاتل گرفتار نہ ٿي سگھيا آھن. ھنن چيو ته شھيد جان محمد جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي. ھنن چيو ته ٻہ سال گذرڻ باوجود به پوليس پريا ڪماري کي بازياب ناھي ڪرائي سگھي. ھنن چيو ته پروفيسر نوتن لال جي گرفتاري افسوسناڪ عمل آھي. ھنن چيو ته پروفيسر نوتن لال کي آزاد ڪري شھيد فاطمه ڦرڙو جي قاتلن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.