English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي سجاول عبدالواجد شيخ جي صدارت ھيٺ اھم اجلاس
126 views
|
07th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
اجلاس ۾ اسڪولي عمارتن جي مرمت ۽ بحالي جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو
سجاول (رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر سجاول جي صدارت هيٺ ضلعي ۾ موجود پرائمري، سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري اسڪولن جي مرمت ۽ بحاليءَ سميت سهولتن جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اينڊ آر تحت فنڊز جاري ڪرڻ لاءِ تجويزون فائنل ڪرڻ بابت اهم اجلاس ,ڊپٽي ڪمشنر سجاول عبدالواجد شیخ جي صدارت هيٺ ضلعي ۾ موجود پرائمري، سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري اسڪولن جي مرمت ۽ بحاليءَ سميت سهولتن جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ لاءِ مئنٽيننس ۽ رپيئر (ايم اينڊ آر) تحت فنڊز جاري ڪرڻ لاءِ تجويزون فائنل ڪرڻ بابت اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري ۽ پرائمري، ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن، چيف مانيٽرنگ آفيسر، ايجوڪيشن ورڪس سول ۽ اليڪٽريشن، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شیخ اسسٽنٽ ڪمشنرن، چيف مانيٽرنگ آفيسر، اليڪشن ڪمشنر ۽ ايجوڪيشن ورڪس جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو ضلعي جي سمورن اسڪولن ۾ سهولتن جي کوٽ بابت نشاندهي ڪرڻ لاءِ گڏيل سروي ڪري جلد رپورٽ پيش ڪن ته جيئن انهن اسڪولن جي مرمت، بحالي ۽ گهربل سهولتن جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اينڊ آر فنڊز جاري ڪرڻ بابت تجويزون موڪلي سگهجن. هن ايجوڪيشن ورڪس کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو فنڊز جاري ٿيڻ بعد خاص طور تي پولنگ اسٽيشنز لاءِ مقرر ڪيل اسڪولن ۾ اوليت جي بنياد تي سمورين گهربل سهولتن جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ لاءِ جوڳا اُپاءُ وٺن ته جيئن اليڪشن دوران پولنگ عملي ۽ ووٽرن کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن ڏيڻو نه پوي، ان ڏس ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ايم اينڊ آر بجيٽ جاري ٿيڻ بعد ضلعي جي سمورن مرمت جوڳن اسڪولن جي مرمت، بحالي ۽ سهولتن کان وانجهيل اسڪولن ۾ گهربل سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا ته جيئن شاگردن توڙي اُستادن کي تدريسي سرگرمين دوران بھتر، پرسڪون ۽ خوشگوار ماحول فراهم ٿي سگھي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th May 2026
•
تازہ ترین
پی ٹی آئی بانی پر تشدد کے باعث اُن کی ایک آنکھ ضائع ہو گئی؟
14th May 2026
•
تازہ ترین
امریکا نے چوری شدہ قدیم مجسمے اور نوادرات پاکستان کے حوالے کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
لاہور سے کراچی تک منشیات اسمگلنگ، پنکی نے بسوں اور موبائل ایپس کے ذریعے کروڑوں کی لین دین کے راز افشا کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
”اسپیکر سے اختلافات اور پارٹی میں دھڑے بندی کا تاثر غلط ہے“ نثار کھوڑو نے جیالوں کو سوشل میڈیا پر بیان بازی سے روک دیا
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي ۾ ڪاروڪاري ۽ حراسمينٽ واقعن توڙي جرڳا سسٽم خلاف ريلي ڪڍي وئي
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
شهدادپور ڀرسان ڳوٺ کٻڙ کاهو واسين جو پي پي ايل انتظاميه ۽ بااثرن خلاف ڌرڻو
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
28 آئيني ترميم ذريعي تڪراري ڪينالن جي نئين سر تعمير، سنڌ جي وحدت، پاڻي، وسيلن ۽ صوبائي خودمختياري تي حملو ٿيو تہ نتيجو خراب نڪرندو: اياز لطيف پليجو
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
مورو ۾ پرائمري استاد جو ناٺي خلاف احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سجاول
ڊپٽي ڪمشنر
سيڪنڊري
پرائمري
هائر سيڪنڊري
اسڪول
ڊي سي سجاول عبدالواجد شيخ
0 تبصرے