نوشھروفيروز ۾ فاطميه فائونڊيشن پاران رت جي عطيي جي ڪئمپ لڳائي ويئي

هن نفسانفسيء جي دور ۾ ھمدرديء جو جذبو ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيو آھي پر ختم نه ٿيو آھي

نوشھروفيروز ۾ فاطميه فائونڊيشن پاران رت جي عطيي جي ڪئمپ لڳائي ويئي

نوشھرو فيروز(ڊر) فاطميه فائونڊيشن جي هاسپيٽل بيسڊ بلڊ بئنڪ سول اسپتال نوشھرو فيروز پاران رت جي عطيي جي ڪئمپ نورپور ۾ لڳائي ويئي جنهن جي اڳواڻي سينئر ڊاڪٽر نور حسين مورو ۽ ٻين ڪئي۔ ان موقعي تي ڪئمپ انچارج غلام اڪبر ناريجو، ڊاڪٽر نور حسين مورو ۽ ٻين چيو ته هن ڪئمپ ۾ حصو وٺندڙن جي همت کي سلام پيش ڪريون ٿا جيڪي انسان ذات جي ڀلائيء لاء رت جو عطيو ڏئي رهيا آھن۔ هن نفسانفسيء جي دور ۾ ھمدرديء جو جذبو ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيو آھي پر ختم نه ٿيو آھي اڳواڻن چيو ته جيڪڏهن اسان جا ماڻهو سجاڳ ٿي پنهنجي ماڻھن جي سماجي خدمتون ڪرڻ لاء اڳتي وڌن ته اسان پنهنجون خدمتون کين ارپينداسين۔ اڳواڻن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ايمرجنسيء ۾ ڪنهن به رت گهرجي ته فوري طور سول اسپتال نوشھروفيروز ۾ قائم بلڊ بئنڪ سان رابطو ڪن۔ کين ڪنهن به قسم جي پريشاني نه ٿيندي۔