اميرجماعت اسلامي سنڌ محمد حسين محنتي ماڙي جلباڻي مقتولن جي تڏي تي پھچي ويو

محمد حسين محنتي 4 مقتولن جي وارثن سان تعزيت ڪئي، واقعي جي بھ سخت لفظن ۾ مذمت

اميرجماعت اسلامي سنڌ محمد حسين محنتي ماڙي جلباڻي مقتولن جي تڏي تي پھچي ويو

ڪراچي/ سڪرنڊ (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي مقامي قيادت سان گڏجي سڪرنڊ لڳ ماڙي جلباڻي پھتو، ھن شھيدن جي وارثن سان تعزيت بعد ڳالھائندي چيو ته هن مهل سڄي سنڌ بدامني جي باهه ۾ سڙي رهي آهي، ماڻهن جي دردن جو درمان ڪرڻ وارو ڪير به ڪونهي، ڪشمور، گهوٽڪي۽ شڪارپور ضلعن جا لکين ماڻهو اڳ ۾ ئي ڌاڙيل راڄ جي ڪري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن ته مٿان وري سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ ڏينهن ڏٺي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي انڌي ڪاروائي جي ڪري 04بي گناه ڳوٺاڻن جو قتل انتهائي افسوس ناڪ ۽ غيردانشمنداڻو قدم آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. آئين، قانون ۽ ادارن جي موجودگي باوجود هٿين خالي معصوم ڳوٺاڻن مٿان گولين جي برسات ڪرڻ جو ڪوبه سبب ڪونهي ڪو، ان واقعي جي اعلى عدالتي ڪميشن ذريعي شفاف جانچ ڪرائي ملوث اهلڪارن کي عبرتناڪ سزا ۽ متاثر خاندانن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي ته جئين آئنده ڪنهن کي به انڌي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جي جُرئت نه ٿئي. صوبائي امير وڌيڪ چيو ته سياسي توڙي نظرياتي اختلاف پنهنجي جڳهه تي، پر پنهنجي بي گناه شهرين مٿان گوليون هلائڻ ڪٿان جي دانشمندي آهي؟ فاٽا، بلوچستان، پنجاب کان ويندي ڪراچي تائين جيڪي به آپگهاتي حملا ڪيا ويا انهن مان ڪنهن هڪ حملي ۾ به ڪو سنڌي بمبار ملوث ڪونه هو، اڄ حڪمرانن جي غلط پاليسين ۽ استحصالي توڙي انڌي طاقت جي استعمال ڪري بلوچستان جون عورتون به فدائي حملا ڪري رهيون آهن، گهرو وزير حارث نواز حادثي کي هڪ هفتو گذري وڃڻ باوجود اڄ تائين اهو ناهي ٻڌايو ته ماڙي جلباڻي ۾ ڪهڙي گروپ جو نيٽ ورڪ، ڪهڙي تنظيم جو بمبار لڪل هو؟ نگران سنڌ حڪومت اها ڳالهه چٽي ڪري ته رينجرز ڪچي جي ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ آئي آهي يا بي گناهه ڳوٺاڻن تي گوليون وسائڻ لاءِ؟ چادر، چارديواري جو تقدس پامال ڪندي ائين گهرن تي حملو ڪرڻ بي حسي جي انتها آهي. جماعت اسلامي هميشه هر موقعي تي مظلومن جي ساٿي ۽ ظالمن خلاف جنگ جوٽي آهي، ڪشمير هجي يا ماڙي جلباڻي جا مظلوم ڳوٺاڻا اسان کين انصاف ڏيارڻ تائين خاموش نه ويهنداسين. ان موقعي تي ضلعي امير سُرور احمد قريشي، نائب امير راشد مڪرم، سردار آرائين ۽ سڪرنڊ جو امير عاشق حسين پڻ گڏ موجود هئا