ملير جي علائقي گوهر گرين سٽي ۾ عيد ميلاد النبي صه جي پروقار تقريب، عقيدت جا گل نڇاور

ٻنهي جهانن جي سردار صه ۽ سندن گهراڻي سان محبت ئي ايمان کي ڪامل بڻائي ٿي: سيد آل رضا شاهه ۽ ٻيا

ملير جي علائقي گوهر گرين سٽي ۾ عيد ميلاد النبي صه جي پروقار تقريب، عقيدت جا گل نڇاور

ملير ( اسٽاف رپورٽر) ڪراچيءَ ۾ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم ۽ امام جعفر صادق عليه السلام جن جي ولادت باسعادت جي سلسلي ۾ تقريب منعقد ڪري عقيدت جا گل نڇاور ڪيا ويا. گوهر گرين سٽي واري علائقي ۾ابوالفضل عباس تنظيم پاران سيد آل رضا شاهه، سيد توقير، محمد علي ۽ عمران شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ عقيدت سان ڀرپور تقريب منعقد ڪئي وئي. جنهن ۾ معصوم ٻارن سميت علائقي واسين شرڪت ڪري ٻنهي جهانن جي سردار صلي الله عليه وآله وسلم ۽ امام جعفر صادق عليه السلام جي ولادت باسعادت تي ڀرپور خوشيءَ جو اظهار ڪيو. تقريب دوران نعت خوانن عقيدت جا گل نڇاور ڪري ماحول منڊي ڇڏيو، جڏهن ته حال ۾ سبحان الله جون صدائون گونجنديون رهيون. تقريب جي پڄاڻيءَ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد آل رضا شاهه ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ميلاد مصطفيٰ صه ۽ امام جعفر صادق عليه السلام جن جي ولادت باسعادت جي خوشي ملهائڻ سان دل کي سڪون ۽ روح کي راحت نصيب ٿيندي آهي، ڇاڪاڻ ته الله جي محبوب نبي صه ۽ سندن گهراڻي جي محبت کانسواءِ ڪامل ايمان نه ٿو بڻجي سگهي.