ڄام صاحب: اٺهٺ موري شهر ۾ دڪانن تي ڇاپا

مختيار ڪار دوڙ محمد علي جمالي جا مختلف دڪانن تي ڇاپا کاڌي پيتي شين جا اگھ معلوم ڪيا

ڄام صاحب: اٺهٺ موري شهر ۾ دڪانن تي ڇاپا

ڄام صاحب ، اٺھٺ موري شھر ۾ مختيار ڪار دوڙ محمد علي جمالي جا مختلف دڪانن تي ڇاپا کاڌي پيتي شين جا اگھ معلوم ڪيا ۽ لسٽون چيڪ ڪيون،
ان موقعي تي مختيار ڪار دوڙ محمد علي جمالي چيو تہ اٺھٺ موري شھر ۾ دڪاندار روزمره جي شين ۽ کاڌي پيتي جي شين جي مقرر ٿيل اگھن کان وڌيڪ اگھ وٺندو تہ فوري طور ان دڪاندار خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي ۽ھا ڻي پوري تعلقي جي سڀني شھرن ۾ ھٿ وٺي مھانگائي ڪرڻ وارن کي بخش نہ ڪبو ۽ روزانو جي بنياد تي دڪاندارن جون ريٽ لسٽون چيڪ ڪيون وينديون،
مختيار ڪار دوڙ اٺھٺ موري شھر ۾ سستي اٽي جو اسٽال بہ لڳرايو جتي شھرين کي في ڪلو اٽو 115 روپين ۾ ملندو
جڏهن تہ دڪاندارن کان کاڌي پيتي جي شين جا اگھ بہ معلوم ڪيا ۽ لسٽون چيڪ ڪيون۽ انتظاميہ کي ھدايت ڪئي تہ وڌيڪ اگھ وٺندڙ دڪاندارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي