دادو ۾ پوليو مھم شروع، ڊي ايڇ او ۽ ڊي ڊي ايڇ او پوليو ٽيمون جوڙي ڇڏيون

ضلعي ۾ هر ٻار کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياري ضلعي کي پوليو کان پاڪ ڪيو وڃي: ڊي ايڇ او ٺٽو

دادو ۾ پوليو مھم شروع، ڊي ايڇ او ۽ ڊي ڊي ايڇ او پوليو ٽيمون جوڙي ڇڏيون

دادو (عبدلعزيز ٻٻر) ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسردادو ڊاڪٽر عبدالحمد کونهارو ۽ ڊپٽي ڊي ايڇ او دادو ڊاڪٽر نيازجمالي دادو ضلعي اندر هلندڙ پوليومهم ۾ صحت کاتي پاران تشڪيل ڏنل پوليوٽيمن پاران هڪ ڏينهن جي تازي ڄاول ٻارکان 5 سالن جي عمر تائين جا ٻارڙن کي پوليوجاڦڙاپيارڻ واري ڪم جوجائزي وٺڻ لاء تعلقي جوهي يوسي ڇني جي ڳوٺ ٽوڙي ، گاجي شاه ۽ ان جي آس پاس جي علائقن جي ڳوٺن ۾ وڃي ٻارڙن جي والدين ۽ ڳوٺن جي نيڪ مردن کان ليڊي هيلٿ ورڪرن پاران ٻارن کي ڦڙا پيارڻ واري ڪم بابت ڄاڻ ورتي ان موقعي تي هن ٻارڙن جي مارڪنگ نشان ڏٺا ۽ مارڪپ شيٽ ڏٺي هن وڌيڪ چيوته ضلعي ۾ هر ٻار کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياري ضلعي کي پوليو کان پاڪ ڪيو وڃي. ۽ پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيئڻ هر پنج سال جي عمر تائين هر ٻار جو حق آهي جنهن جي لاءِ پوليو ٽيمن کي ڀرپور محنت ڪرڻ گهرجي ته جيئن هن قومي پوليو مهم کي ڪامياب ڪجي ان موقعي تي ڊپٽي ڊي ايڇ او دادو ڊاڪٽر نيازجمالي پاران ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر کي هيلٿ ورڪرن جي پوليو جي ڦڙن پيئڻ ۽ مارڪنگ واري ڪم ڪارمعتلق ڄاڻ ڏني