قاضي احمد ويجهو عورت معصوم پٽ سميت پراسرار نموني گم، اغوا جو شڪ، وارثن جو احتجاج

رام پياري باگڙي 12 مهينن جو پٽ هَري رام سميت گذريل ڏينهن کان گم آهي: وارث

قاضي احمد ويجهو عورت معصوم پٽ سميت پراسرار نموني گم، اغوا جو شڪ، وارثن جو احتجاج

قاضي احمد :باگڙي برادري جي شادي شده عورت معصوم نينگر سميت پرسرار نموني گم وارثن پاران اغوا جو شڪ احتجاج نعري بازي ناري کي فوري طور هٿ ڪري وارثن حوالي ڪرڻ جو مطالبو، نواب ولي محمد جي باگڙي برادري جي ماڻهن موهن،کيئل داس، راجو ۽ خان باگڙي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي داهيندي چيو آھي ته رام پياري زال موهن باگڙي 12 مهينن جو معصوم نينگر هَري رام سميت گذريل ڏھاڙي نواب ولي محمد نيشنل ھاءِ وي ڪاشف پئٽرول پمپ وٽان مُبينا طور پرسرار نموني گم ٿي وئي آهي اسان کي شڪ آهي ته رام پياري کي ڪنهن اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي اهڙي رپورٽ نواب ولي محمد ٿاڻي تي به داخل ڪرائي آهي پر رام پياري ۽ معصوم نينگر هري رام جو ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي وس وارا ڊي آئي جي شهيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي نواب شاهه نوٽيس وٺن ۽ شادي شده عورت ۽ معصوم نينگر هري رام جي ڳولا ۾ مدد ڪن.