English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي سجاول جي صدارت هيٺ ٿيليسيميا سينٽر ۽ بلڊ بينڪ قائم ڪرڻ بابت گڏجاڻي
66 views
|
27th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
گڏجاڻي ۾ ڪاشف اقبال ٿيليسيميا سينٽر ڪراچي جو سربراهه، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر محمد حنيف ميمڻ ۽ ٻيا موجود ھئا
سجاول (گلشيرميربحر) ڊپٽي ڪمشنر جي صدارت هيٺ ضلعي سجاول ۾ ٿيليسيميا سينٽر ۽ بلڊ بينڪ قائم ڪرڻ بابت اھم گڏجاڻي , ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ چيو آهي ته ضلعي سجاول ۾ ڪاشف اقبال ٿيليسيميا سينٽر ڪراچي جي سھڪار سان مدني ٿيليسيميا سينٽر ۽ بلڊ بينڪ جي نالي ۽ طرز تي ٿيليسيميا ۾ مبتلا ٻارڙن کي ڏورانھن علائقن ۾ وڃڻ بدران پنهنجي ئي علائقي ۾ علاج جون سهولتون فراهم ٿي سگهن - اھڙين ڳالھين جو اظهار ھن درٻار ھال سجاول ۾ ٿيليسيميا سينٽر ۽ بلڊ بينڪ جي قيام بابت ڪاشف اقبال ٿيليسيميا سينٽر ڪراچي جي سربراهه سان منعقد گڏجاڻي دوران ڪيو - ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر محمد حنيف ميمڻ ، ڊسٽرڪٽ مينيجر پي پي ايڇ آئي ، صحت کاتي جي نمائندن ۽ ضلعي جي مخير حضرات ، سماجي اڳواڻ ،واپاري ۽ معززين پڻ موجود هئا - ڊپٽي ڪمشنر ٿيليسيميا سينٽر ۽ بلڊ بينڪ جي قيام لاءِ ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر محمد حنيف ميمڻ جي ڪاوشن کي ساراھيندي چيو ته ھن خير جي ڪم ۾ خدمت جو جذبو ھجڻ انتھائي ضروري آهي ته جيئن ھن ضلعي کي بھتر بڻائي سگهجي - ڊپٽي ڪمشنر پنهنجي ھر ممڪن سهڪار جي يقين پڻ ڏياريو - ان موقعي تي ٿيليسيميا سينٽر ۽ بلڊ بينڪ جي قيام لاءِ صحت کاتي ۽ ڪاشف اقبال سينٽر ڪراچي جي سربراهه چيو مفاھمت نامي تي صحيحون ڪرڻ بعد ٻن ھفتن ۾ سينٽر جو باقاعده افتتاح ڪيو ويندو - ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ چيو ته ضلعي جي عوام کي صحت سميت ٻيون گھربل بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ضلعي انتظاميه ھر وقت ڪوششون وٺي رهي آهي ته جيئن کين ڪنهن به قسم جي تڪليف ۽ پريشانيءَ کي منهن ڏيڻو نه پوي –
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان دہشت گردی کے پیچھے بھارت کا ہاتھ بے نقاب، گرفتار ملزمان کے انکشافات — خواجہ آصف
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ڈی جی خان میں ہائی الرٹ: پنجاب سے بلوچستان جانے والے تمام راستے بند
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ایف سی ہیڈکوارٹر پشاور خودکش حملہ: منصوبہ بندی افغانستان میں ہوئی، سہولت کار بے نقاب
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان میں فیصلہ کن کارروائی: 145 دہشت گرد ہلاک، ریاست کے آگے سرنڈر نہیں کریں گے — سرفراز بگٹی
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان دہشت گردی کے پیچھے بھارت کا ہاتھ بے نقاب، گرفتار ملزمان کے انکشافات — خواجہ آصف
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ڈی جی خان میں ہائی الرٹ: پنجاب سے بلوچستان جانے والے تمام راستے بند
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ایف سی ہیڈکوارٹر پشاور خودکش حملہ: منصوبہ بندی افغانستان میں ہوئی، سہولت کار بے نقاب
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان میں فیصلہ کن کارروائی: 145 دہشت گرد ہلاک، ریاست کے آگے سرنڈر نہیں کریں گے — سرفراز بگٹی
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊي سي سجاول
سجاول
ڊپٽي ڪمشنر
ٿيليسيميا سينٽر
0 تبصرے