اقتدار ۾ اچي دين ۽ ڌرتي جي چوڪيداري ڪندي عوام کي حق ڏينداسين: راشد محمود سومرو

هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت جمعيت علماء اسلام کي اقتدار کان پري رکيو ويو آهي: جي يو آءِ اڳواڻ

اقتدار ۾ اچي دين ۽ ڌرتي جي چوڪيداري ڪندي عوام کي حق ڏينداسين: راشد محمود سومرو

شڪارپور (احسان ابڙو ) اقتدار ۾ اچي دين ۽ ڌرتي جي چوڪيداري ڪندي عوام جا حقوق انهن جي گهرن تائين پهچائيندا سين. مولانا راشد محمود سومرو تفصيل موجب ته جمعيت علماء اسلام ٽائون چڪ جان محمد تعلقه لکي ضلعي شڪارپور جي زير اهتمام منعقد ڪيل عظيم الشان سيرت النبيﷺ ڪانفرنس ۾ جي يو آء جي صوبائي سيڪريٽري جنرل مولانا راشد خالد محمود سومرو صاحب خطاب ڪندي چيو ته ختم نبوت ، صحابه ڪرام جي عزت ۽ ناموس جي تحفظ لاء جيسيتائين سسي ۾ ساھ آهي پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين. هن خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته حيرت جھڙي ڳالهه آهي جو 76 سالن کان اقتدار جنهن جي حوالي ڪيو ويو اهي اسلام جي الف کان به ناواقف آهن ڀلا مغرب ۽ يورپ جا غلام اسلام ڪيئن نافذ ڪندا ان موقعي تي وڌيڪ ڳالھائيندي چيائين ته هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت جمعيت علماء اسلام کي اقتدار کان پري رکيو ويو آهي پارليامينٽ ۾ 76 سالن کان موجود جمعيت علماء اسلام جي نمائندن تي اڄ تائين هڪ روپيه جي ڪرپشن جو به ڪيس ثابت نه آهي ٿي سگهيو ، نيب ، ايف آئي اي ، پانامه ۽ وڪي ليڪس جهڙن اسڪينڊلن ۾ اسانجي پارليامينٽ جي ڪنهن به ميمبر جو نالو نه آهي آيو ، وڌيڪ چيائين ته سنڌ ۾ گذريل حڪومت جا 15 سال بدترين حڪمراني جا گذريا آهن امن امان کان وٺي اٽي جي نالي تائين صرف هڪ سال ۾ 77 ارب روپين جي ريڪارڊ ڪرپشن ڪرڻ وارن عوام کي سواء بک ۽ بدحالي جي ڪجه به نه آهي ڏنو، جمعيت علماء اسلام اقتدار ۾ اچي دين ۽ ڌرتي جي چوڪيداري ڪندي عوام کي انهن جاحق انهنجي گهرن تائين پهچائينداسين. 22 اڪٽوبر کان 2 نومبر تائين تائين عوام جي غصب ٿيل حقن جي حاصلات لاء سڄي سنڌ ۾ جمعيت علماء اسلام امن مارچ ڪندي ۔ جلسي کي جي يو آء ضلع شڪارپور جي امير مولانا عبدالله پهوڙ ، مولانا عبدالله مھر، مولانا عبدالمجيب مولانا اسدالله حيدري، مولانا غلام ﷲ مھر ،حافظ رفيق احمد ،فقيراحسان ﷲ ڀيو،مولانا اسدﷲ ابڙو، عبدالقدوس سميت ٻين عهديدارن اڳواڻن پاران به خطاب ڪيو ويو