سنڌ جي 30 ضلعن ۾ 2 آڪٽوبر کان پوليو خلاف 7 ڏينهن واري مهم شروع ٿيندي

مهم دوران 5 سالن کان گهٽ عمر جي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا. چيف سيڪريٽري سنڌ

سنڌ جي 30 ضلعن ۾ 2 آڪٽوبر کان پوليو خلاف 7 ڏينهن واري مهم شروع ٿيندي

ڪراچي: چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد فخر عالم جي صدارت هيٺ صوبائي ٽاسڪ فورس جو اهم اجلاس پوليو جي روڪٿام بابت چيف سيڪريٽري جي آفيس ۾ ٿيو. جنهن ۾ 2 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ ست ڏينهن واري پوليو مهم جي تياري، ان تي عملدرآمد ۽ ورڪرن جي سيڪيورٽي بابت ڪيترائي فيصلا ڪيا ويا.
اجلاس ۾ سيڪريٽري گهرو محمد اقبال ميمڻ، ڪمشنر ڪراچي محمد سليم راجپوت، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم رند، ڪوآرڊينيٽر ايمرجنسي آپريشن سينٽر سنڌ ارشاد علي سوڍر ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته سمورن ضلعي ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ پوليو وائرس جي مجموعي صورتحال ۽ ان جي روڪٿام جو جائزو ورتو ويو.
اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ڪوآرڊينيٽر ايمرجنسي آپريشن سينٽر سنڌ ارشاد علي سوڍر چيو ته گذريل 3 سالن کان سنڌ ۾ پوليو جو ڪو به ڪيس سامهون ناهي آيو جيڪا هڪ وڏي ڪاميابي آهي ۽ ان ڪاميابي کي جاري رکڻ پاڻ ۾ وڏو چئلينج آهي. ارشاد علي سوڍر وڌيڪ ٻڌايو ته پوليو مهم لاءِ عملي جي تربيت جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته مهم دوران ٻارن کي پوليو جا ڦڙا ۽ وٽامن اي جي واڌو خوراڪ پڻ پياري ويندي. ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد فخر عالم چيو ته پوليو کان بچاءُ واري مهم کي موجوده هائيِ رسڪ يونين ڪائونسلن ۾ موثر انداز ۾ شروع ڪيو وڃي ته جيئن خاطر خواه نتيجا حاصل ڪري سگهجن.
ان سلسلي ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته هو پوليو مهم جي سخت نگراني ڪن ۽ پنهنجي لاڳاپيل آفيسرن کي روزاني جي بنياد تي رپورٽ پيش ڪن.
چيف سيڪريٽري سنڌ صحت کاتي کي هدايت ڪندي چيو ته سمورن ريلوي اسٽيشنن ۽ بس اڏن تي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا وڃن. هن تعليم کاتي جي عملدارن کي پڻ هدايت ڪئي ته مهم دوران خانگي ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا وڃن. ياد رهي ته 2 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم ۾ 10 ملين کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا،
جنهن ۾ 80 هزار کان وڌيڪ پوليو ورڪر ۽ سپروائيزر حصو وٺندا.
اجلاس ۾ ڊيوٽي دوران ٽرين حادثي ۾ زخمي ٿيل پوليو ورڪر هما اشرف لاءِ سنڌ حڪومت پاران امداد جي اعلان تي چيف سيڪريٽري چيو ته پوليو ورڪر هما اشرف کي حڪومت طرفان هڪ ڪروڙ رپيا ڏنا ويندا. ان سلسلي ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ناڻي کاتي کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.