ملير ۾ ليبر اسڪوائر واسي نوجوان جي مبينا اغوا خلاف وارثن جو احتجاجي مظاھرو

امداد سولنگي 23 سيپٽمبر تي ڪراچي کان سکر لاءِ نڪرڻ بعد گم ٿي ويو آھي: وارث

ملير ۾ ليبر اسڪوائر واسي نوجوان جي مبينا اغوا خلاف وارثن جو احتجاجي مظاھرو

ملير (ڊ ر) ملير جي علائقي ڀينس ڪالوني جي ليبر اسڪوائر جي رهواسي نوجوان امداد سولنگي جي اغوا خلاف ۽ آزادي جي لاءِ وارثن جو ملير پريس ڪلب جي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اسان جو نوجوان 23 سيپٽمبر تي ڪراچي کان سکر لاءِ گهران نڪتو ۽ لاپته ٿي ويو، اسان کي پڪ آهي ته اسان جي نوجوان کي اغوا ڪيو ويو آهي: وارث. خبر موجب: ملير جي علائقي ڀينس ڪالوني جي سکن ٿاڻي جي حد ليبر اسڪوائر جي رهواسي امداد سولنگي جي اغوا خلاف سندس وارثن ڀاءُ اختر، ڀيڻ شهزادي ۽ زال سيما جي اڳواڻي ۾ نوجوان جي بازيابي جي لاءِ قرآن پاڪ کڻي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي وارثن صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسان جو نوجوان 23 سيپٽمبر شام جو ساڍي ستين بجي سکر لاءِ گهران نڪتو هيو جيڪو نه سکر پهتو ۽ نه ئي وري واپس گهر موٽيو آهي اسان پنهنجي نوجوان جي ڳولا پڻ ڪئي آهي پر ڪنهن به قسم جو ڏس پتو ناهي ملي سگهيو اسان کي پڪ آهي ته اسان جي نوجوان امداد سولنگي کي پوليس آفيسر امداد سولنگي، رفيق ٻگهيو ۽ شفو ملاح جيڪو نوشهروفيروز جا پوليس جا آفيسر آهن اسان جي نوجوان کي اغوا ڪرايو آهي اسان شريف ۽ عزتدار ماڻهو آهيون مجبورن عورتن سميت قرآن کڻي پريس ڪلب جي آڏو احتجاج ڪري رهيا آهيون ڄاڻايل ماڻهن جي اسان جي نوجوان سان منهن ماري ٿيل هئي ۽ اسان کي پوري پڪ آهي ته هنن اسان جي نوجوان جي اغوا ۾ ملوث آهن. اغوا ٿيل نوجوان جي گهرواري سيما صحافين آڏو دانهيندي چيو ته منهنجي اغوا ٿيل مڙس کي ڪجهه به ٿيو ته ان جا ذميوار مٿي ڄاڻايل نالن وارا ماڻهو هوندا مون کي شڪ آهي ته منهنجي مڙس کي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ماريو نه وڃي. هنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، سنڌ هاءِ ڪورٽ، آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪندي چيو ته خدارا اسان جي بيگناهه ڀاءَ کي آزاد ڪرايو وڃي ۽ مٿي ڄاڻايل پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.