ميرپورماٿيلو:ڀاڻ فيڪٽري ۾ مقامي ماڻھن بدران ڌارين کي ڀرتي ڪرڻ خلاف ڌرڻو

جسقم جي سڏ تي ايف ايف سي ڀاڻ فيڪٽري جي مک گيٽ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

ميرپورماٿيلو:ڀاڻ فيڪٽري ۾ مقامي ماڻھن بدران ڌارين کي ڀرتي ڪرڻ خلاف ڌرڻو

ميرپورماٿيلو:ڀاڻ فيڪٽري ۾ سالياني شٽ ڊائون مقامي ماڻھن کي نظرانداز ۽ ڌارين جي ڀرتي خلاف جسقم جي سڏ تي ايف ايف سي ڀاڻ فيڪٽري جي مک گيٽ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو،

اڳواڻن جو چوڻ آهي ته فيڪٽري ۾ سڀاڻي کان شٽ ڊائون شروع آھي مقامي ماڻھن لاء روزگار جا دروازا بند آھن

پنجاب جي مختلف شھرن مان سوين ماڻھن کي گھرائي ڀرتي ڪيو ويو آھي