نوشھروفيروز ۾ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن سنڌ جي عهديدارن جي حلف برداري تقريب

ايس ايس پي شبير احمد سيٺار چونڊيل عهديدارن کي حلف کڻايو، پي ايم اي سنڌ جي نئين باڊي چونڊي وئي

نوشھروفيروز ۾ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن سنڌ جي عهديدارن جي حلف برداري تقريب

نوشھروفيروز(ڊر)پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن سنڌ جي عهديدارن جي حلف برداري تقريب جيم خانه ۾ گذري جنهن ۾ ايس ايس پي شبير احمد سيٺار چونڊيل عهديدارن کي حلف کڻائي پي ايم اي سنڌ جي نئين باڊي چونڊي وئي
جنهن ۾ ڊاڪٽر پير منظور علي صدر،ڊاڪٽر عبدالرزاق راجپر نائب صدر،ڊاڪٽر محمد خان شر جنرل سيڪريٽري،ڊاڪٽر خادم علي مڱريو جوائنٽ سيڪريٽري، ڊاڪٽر محمد حنيف ميمڻ جوائنٽ سيڪريٽري ٽو ءٍ ڊاڪٽر گلزار جماڻي کي پريس سيڪريٽري طور حلف کنيو۔
تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر دادو فياض حسين راهوجو مهمان خاص طور شرڪت ڪئي۔ اڳواڻن تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسانجي تنظيم نه صرف ڊاڪٽرن پر هر عام ماڻهو جي خدمت ڪرڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندي
جڏهن ته پي ايم اي اڳواڻ امجد حسين مستوئي چيو ته پي ايم اي سنڌ جي عهديدارن جو ھتي حلف کڻڻ اسانجي لاء فخر جوڳي ڳالھ آهي
هن چيو ته اها ڳالھ تاريخ ۾ لکي ويندي ته پي ايم اي سنڌ جي جدوجھد وارو باب هتان کان شروع ٿيو
تقريب کي ڊي ايڇ او دادو ڊاڪٽر عبدالحميد کوهارو،ڊاڪٽر امام الدين کوسو، ڊاڪٽر الله بخش ڪوريجو،ڊاڪٽر گلزار پنهور،ڊاڪٽر ايوب ميمڻ،ڊاڪٽر احسان پنهور ،ڊاڪٽر منظور هنڱورو،ڊاڪٽر زبير چنه، ڊاڪٽر عتيق جانوري، ڊاڪٽر امداد ڪلهوڙو،ڊاڪٽر هدايت الله کهڙو،ڊاڪٽر وزير ٿيٻو،ڊاڪٽر عبدالقادر شيخ سميت ٺٽي،بدين سانگهڙ ،مٽيار،حيدرآباد سميت سنڌ جي مختلق علائقن جي ڊاڪٽرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جن کي سنڌ جي ثقافت ٽوپي ءٍ اجرڪ پهرائي مبارڪون ڏنيون ويون