ميرپورخاص ۾ جوڙي پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو، تحفظ جي گهُر

آصف علي شيخ ۽ شمائله شيخ پرڻي بعد تحفظ لاءِ احتجاج ڪيو

ميرپورخاص ۾ جوڙي پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو، تحفظ جي گهُر

ميرپورخاص جي علائقي سٽلائيٽ ٽاؤن واسي 22ورهين جي آصف علي ولد منير احمد شيخ 21ورهين جي شمائله بنت محمد حيات شيخ پراڻي ميرپورخاص واسي سان پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو جنهن موقعي تي پريمي جوڙي جو چوڻ ھو ته سندس مائٽن پاران جان کي خطرو آھي پسند جي شادي ڪرڻ اسان لاء آزاب بڻجي ويو آھي اهڙو بيان هنن نڪاح خوان غلام علي پنهور آڏو ڳلهائيندي ڪيو ان موقعي تي شمائلا شيخ چيو ته اسان ٻنهي پنهنجي مرضي مطابق رضا خوشي سان پسند جي شادي ڪئي آھي اسان ڪنهن جي دٻاؤ ۾ نه آھيون پنهنجو بيان رضا ۽ مرضي مطابق ڪورٽ جي احاطي ۾ نڪاح ڪندڙ سامهون ڏئي رهيا آھيون جيڪو ريڪارڊ تي رکيو وڃي جو وقت سر ڪم اچي سگهي ۔ان موقعي تي شمائلا زال آصف شيخ جو چوڻ ھو ته موکي گهوٽ جي مائٽن پاران ڌمڪايو پيو وڃي اگر ڪجهه به ٿيو ته ان جا زميوار منهجي مڙس جا مائٽ ھوندا۔