English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ماڙي جلباڻي ڪيس داخل: اھلڪارن گاڏين مان لھندي ئي سڌي فائرنگ ڪري ڏني: فريادي
202 views
|
29th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
سڪرنڊ: ماڙي جلباڻي ۾ پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن ھٿان قتل ٿيل ڳوٺاڻن جو ڪيس داخل
سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ رينجرز ۽ پوليس جي گڏيل ڪارروائي ۽ گهر گهر تلاشي دوران ڳوٺاڻن جي مزاحمت تي فائرنگ ۾ 4 ڳوٺاڻا قتل ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿيڻ واري واقعي جو ڪيس ماڙي جلباڻي ٿاڻي تي فوتي جي ڀاءَ راهب جلباڻي جي مدعيت ۾ گناهه نمبر 39/2023 تحت قلم 324,302 تحت داخل ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته وقت اٽڪل پوڻا 3 بجي ڌاري گهرن ۾ ويٺا هئاسون
ڏٺوسون ته گهر جي دروازي جي سامهون پنج پوليس موبائلون ، هڪ اڇي ۽ هڪ ڪاري ڪلر جي ويگو ۽ ٽي قانون نافذ ڪندڙ ادارن جون گاڏيون بيٺيون هيون جنهن مان 40/45 مختلف سرڪاري ورديون پهريل ڏهه سول ڪپڙن ۾ ملبوس ماڻهو لٿا
جن لهڻ سان چيو ته توهان دهشتگرد آهيو اڄ توهان نه ڇڏينداسون ماري خون ڪنداسون
ايئن چئي سڌي فائرنگ ڪرڻ شروع ڪري جنهن فائرنگ ۾ منهنجو ڀاءَ سجاول جلباڻي ۽ عزيز نظام الدين جلباڻي ٿڏي فوت ٿي ويا ۽ هر هڪ امام بخش جلباڻي ۽ ممتاز جلباڻي ، امام الدين جلباڻي ۽ الهداد جلباڻي، سارنگ جلباڻي ، علي نواز جلباڻي ۽ لياقت جلباڻي زخمي ٿي پيا جنهن بعد زخمين کي کڻائڻ لاءِ شديد فائرنگ سبب ڳوٺاڻا گڏ ٿي ويا.
پوءِ ڳوٺاڻن جي مدد سان فوتين ۽ زخمين کي کڻائي تعلقه اسپتال سڪرنڊ آياسون پئي ته رستي ۾ امام بخش ۽ ميهار پڻ فوت ٿي ويا پوءِ اسان چئني فوتين جا لاش نيشنل هائي تي رکي احتجاج ڪيوسون پوءِ چئني لاشن جا پوسٽ مارٽم ڪرائي فارغ ٿي حاضر اچي فرياد ٿو ڪريان ته جانچ ٿئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ماڙي جلباڻي
سڪرنڊ
رينجرز
sakrand
Murder killing
0 تبصرے