جنگشاھي لڳ ڪوھستاني پٽي جي رھواسين جي احتجاج رنگ لاتو

قديمي درگاھ حضرت امير شاھ جيلاني جي چوديواري ڊاھي برساتي نالا بند ڪرڻ خلاف احتجاج جو انتظاميھ نوٽيس ورتو

جنگشاھي لڳ ڪوھستاني پٽي جي رھواسين جي احتجاج رنگ لاتو

ٺٽو( شفيق ڀٽي) جنگشاھي لڳ ڪوھستاني پٽي ۾ بااثر لينڊ مافيا توڙي ڪمپني انتظاميہ پاران طاقت جي زور تي مقامي ماڻھن جي زمينن تي غيرقانوني قبِضا ڪري اڏاوتون ڪرڻ سميت زمينن کي وڏا بند ڳرين مشينن ذريعي لڳرائي مقامي رھواسين جا رستا ۽ لنگھ بند ڪرڻ سميت جنگشاھي لڳ قديمي درگاھ حضرت امير شاھ جيلاني جي چوديواري ڊاھي برساتي نالا بند ڪرڻ خلاف متاثر رھواسين توڙي درگاھ جي خدمتگارن ۽ زائرين پاران ڪيل احتجاجن بعد عوامي پريس ڪلب جي صدر بلاول سمون جي تحريري درخواست تي نوٽيس وٺندي نيٺ ڊي سي ٺٽو جي حڪم تي مختيارڪار ٺٽو پنھنجي ٽيم سميت درگاھ امير شاھ جيلاني تي پھچي درگاھ کي پھتل نقصان جو جائزو وٺڻ بعد بند ٿيل رستن توڙي برساتي نالن جو جائزو وٺي اتي غيرقانوني طور ڪم ڪندڙ ڳرين مشين جو ڪم بند ڪرائي مشينن کي درگاھ کان ھٽرائي ڇڏيو اھي، ان موقعي تي مختيارڪار ٺٽو چيو تہ ڪوھستاني پٽي جي سرڪاري زمينن تي ڪنھن کي بہ قبضو ڪرڻ جي اجازت نہ ڏني ويندي، ھن عمل ۾ جيڪي بہ ملوث ھوندا انھن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري مقامي رھواسين کي پنھنجا حق ڏياري بند ٿيل سندن رستا بحال ڪرائي درگاھ کي پھتل نقصان جو بہ ازالو ڪرايو ويندو. ان موقعي تي درگاھ تي موجود ڪيترن ئي زائرين دانھيندي چيو تہ بااثر لينڊ گريبرن کان ھاڻي درگاھون بہ محفوظ ناھن رھيون، جيڪي طاقت جي زور تي قبضا ڪري مقامي رھواسين جا رستا بند ڪري انھن لاء اھو علائقو نوگو ايريا بڻايو پيو وڃي، انھن خلاف جلد ڪاروائي نہ ٿي تہ ھو مقامي رھواسرن کي پنھنجي ئي گھرن مان بيدخل ڪري ڇڏيندا، ھنن گھر ڪئي تہ بااثر قبضاگيرن توڙي انھن جي سھولتڪارن خلاف ڪاروائي ڪري درگاھن کي قبضن کان اجو قرار ڏيئي انھن جي تقدس کي بحال رکي زائرين م ڦھليل بيچيني دور ڪئي وڃي. ھوڏانھن روينيو کاتي ٺٽي جي ٽيم پاران قبضي ڪيل ھنڌن جو جائزو وٺڻ بعد قبضاگيرن ۾ ٿرٿلو مچي ويو آھي