اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومري پاران ميرپورساڪرو تڪ ختم ٿيڻ وارو فيصلو رد

ساحلي ۽ ڪوھستاني پٽي جي رھواسين کي ووٽ کان محروم ڪيو پيو وڃي: ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو

اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومري پاران ميرپورساڪرو تڪ ختم ٿيڻ وارو فيصلو رد

ٺٽو(ڊ ر)پيپلزپارٽي سنڌ جي صوبائي اڳواڻ اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومري ٺٽي ضلعي جي ٽن صوبائي تڪن مان هڪ صوبائي تڪ ميرپور ساڪرو کي ختم ڪرڻ واري اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي مڪمل طور تي رد ڪندي ان کي غير قانوني قدم قرار ڏنو آھي ۽ واضع ڪندي چيو آھي ته مون اڳ ئي آدمشماري دوران اهي خدشا ظاهر ڪيا هئا ته ساحلي ۽ ڪوهستاني پٽي جي رهواسي ڌرتي ڌڻين کي ڳڻپ کان رهايو پيو وڃي جنهن لاء لاڳاپيل اختيارين کي خط به لکيا هئا. ڊاڪٽر عبدالواحد سومري وڌيڪ چيو آھي ته 10 لک 83 هزار آبادي واري ضلعي ٺٽي مان ميرپور ساڪرو جي صوبائي تڪ کي ختم ڪرڻ خود بدنيتي تي ٻڌل آھي ڇاڪاڻ جو اليڪشن ڪميشن جي خود تڪبندين (ڊي لميٽيشن) واري فارمولي موجب به ضلعي جي ٽنهي صوبائي تڪن کي برقرار رکي سگهجي ٿو پر اليڪشن ڪميشن جون اختياريون آفيسن ۾ ويهي سيٽلائيٽ نقشن جي مدد سان ڊجيٽل آدمشماري جي آڙ ۾ ٺٽي ميرپور ساڪرو ۽ گهوڙاٻاري تعلقن جي جاگرافيائي حدن سان هٿ چراند ڪري غلط نموني سان تڪ ببديون ڪيون آھن هن چيو ته ڌاٻيجي گهاري کي ٺٽي جي صوبائي تڪ سان ملائڻ ۽ ميرپور ساڪرو شھر سميت آس پاس جي علائقن کي گهوڙاٻاري جي تڪ سان ملائڻ مڪمل طور تي ناانصافي تي ٻڌل آھي ڇاڪاڻ جو اتان جي ووٽرن کي پنهنجي نمائيندن کي چونڊڻ ۽ بعد ۾ انهن وٽ ڪمن ڪارن لاء گهڻو سفر ڪرڻو پوندو. هن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي چيئرمين کي ساڪرو تڪ جي خاتمي واري فيصلي تي نظرثاني جي اپيل ڪندي چيو آھي ته پيپلزپارٽي پنهنجي عوام ۽ ووٽرن سان هميشه صف اول ۾ رهي آھي انڪري ساڪري جي صوبائي تڪ سميت سنڌ مان صوبائي ۽ قومي تڪن کي ختم ڪرڻ وارن فيصلن کي اليڪشن ڪميشن توڙي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويندو.