ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي سان شھرين جي ملاقات، مسئلا ٻڌايا

عوامي دربار جو مقصد عوام سان روبرو رابطو ڪري سندن مسئلا معلوم ڪرڻ آھي: ايس ايس پي شڪارپور

ايس ايس پي شڪارپور  خالد مصطفيٰ ڪورائي  سان شھرين جي ملاقات، مسئلا ٻڌايا

شڪارپور (احسان ابڙو) ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي معمول موجب پنهنجي آفيس ۾ عوام جا مسئلا ٻڌا ۽ بروقت حل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. ايس ايس پي شڪارپور درخواست گذارن سان ڳالهائيندي چيو ته عوامي دربار جو مقصد عوام سان روبرو رابطو ٿي سگهي ته جيئن شهري بنان ڪنهن رڪاوٽ جي اچي مسئلا ۽ شڪايتون ٻڌائي سگهي۔ ايس ايس پي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل ايس ايڇ اوز ۽ ڊي ايس پيز کي بروقت حڪم جاري ڪيا. ايس ايس پي شڪارپور ضلعي جي تمام ايس ايڇ اوز کي سختيء سان هدايتون جاري ڪندي چيو ته جيڪو به درخوست گذار اوهان جي ٿاڻي تي اچي ته ان سان خوش اخلاق رويي سان پيش اچو ۽ روزانو جي بنياد تي 2 ڪلاڪ ٿاڻي تي عوام جا مسئلا ۽ شڪايتون ٻڌو, جڏهن ته شهرين جي جان و مال جو تحفظ امن و امان کي قائم ڪرڻ يقيني بڻايو وڃي. ته جئين عوام ۽ پوليس جي وچ ۾ جيڪا وٿي آهي ان کي ڀري اعتماد بحال ڪيو وڃي. ايس ايس پي شڪارپور جو چوڻ ھو تھ عوام کي درپيش مسئلن ۽ انهن جي حل ڪرڻ لاءِ ايس ايس پي آفيس جا دروازا هر وقت کليل آهن. عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ئي مون کي دلي سڪون ملندو آهي. عوام جي خدمت ڪرڻ کي عبادت سمجهندو آهيان.