English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گھارو واسڻ عورت جو بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف مڪلي ۾ احتجاج
165 views
|
27th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
بااثر ڀتو نھ ملڻ تي زمين تي قبضي جون ڪوششون ڪري رھيا آھن، نوٽيس ورتو وڃي
ٺٽو(ڊر) گھارو جي رھواسڻ پروين زال ظفر اقبال آرائين بااثر ماڻھن جي زيادتين، سندس وڪرو ڪيل سروي زمين تي ڪيل قبضي جي ڪوششن توڙي کيس بلاجواز پريشان ڪرڻ واري عمل خلاف مڪلي پھچي صحافين اڳيان دانھيندي چيو آھي تہ سندس سروي زمين ديھ ڀانيرو تپو ٻاٻڙا ۾ اھي، جيڪا سندس مڙس ظفر اقبال جي نالي تي ستين فارم تي بہ داخل ٿيل آھي، جيڪا زمين ھن وڪرو ڪري ڇڏي آھي تہ بااثر شخص نظير خاصخيلي، نواز ممتاز خاصخيلي، محمد نواز آرائين، عبدالمجيد، عبدالحفيظ، عبدالواحد آرائين ۽ ٻين پاران کانئنس ڀتو گھريو ويو، نہ ڏيڻ تي ھو سندس ۽ سندس ٻچن جي جان جا ويري بڻجي کين پريشان ڪرڻ سميت کيس ۽ سندس ٻچن کي اغوا ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيئي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي قتل ڪرڻ چاھين ٿا. مسمات پروين آرائين الزام ھڻندي وڌيڪ چيو تہ مذڪورہ بااثر شخص ھاڻي سندس وڪرو ڪيل سروي زمين تي قبضي جون ڪوششون ڪري ڪوڙن ڪاغذن جي آڌار تي قبضو ڪرڻ چاھين ٿا، جنھن جون دانھون ڊي سي ٺٽو، ايس ايس پي ٺٽو ۽ ايس ايڇ او گھارو سميت ڊي اء جي حيدراباد، آء جي سنڌ، ڊي جي رينجرس کي لکت ۾ ڏنيون آھن، پر کيس انصاف ملي ناھي سگھيو ۽ نہ ئي کيس پريشان ڪندڙ بااثر ماڻھن خلاف حد جي پوليس ڪا ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار آھي، جيڪا پڻ انھن جي ساٿاري بڻيل آھي، جنھن ڪري کيس خدشو آھي تہ ڏوھاري قسم جا ماڻھون کيس ڪنھن بہ وقت وڏو ڪو نقصان پھچائي سگھن ٿا، جيڪي ڪاروباري ماڻھن کي بليڪ ميل ڪري ڀتو وصول ڪرڻ سميت زمينن تي قبضا ڪرائي شريف ماڻھن کي تنگ ڪندا رھن ٿا، ھن نگران سنڌ حڪومت جي وڏي وزير، گھرو صوبائي وزير، ڊي آء جي حيدرآباد، آء جي سنڌ پوليس، ايس ايس پي ٺٽو، سيشن جج ٺٽو سميت سمورن وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ سندس وڪرو ڪيل سروي زمين تي قبضي جو ڪوششون ڪري کين پريشان ڪندڙ بااثر ماڻھن خلاف ڪاروائي ڪري کيس سندس گھرڀاتين سميت تحفظ مھيا ڪري ساڻس انصاف ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ انصاف لاء عدالت ۾ وينديس.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سجاول
ڊپٽي ڪمشنر
ڪاشف اقبال
ٿيليسيميا سينٽر ڪراچ
گھارو
ٺٽو
مڪلي
0 تبصرے