سنڌ ۾ موجود غيرقانوني پناهگيرن کي فوري ڊي پورٽ ڪرڻ جو حڪم

غيرقانوني پناهگيرن لاءِ هولڊنگ سينٽر مختص ڪيا ويندا: آئي جي سنڌ

سنڌ ۾ موجود غيرقانوني پناهگيرن کي فوري ڊي پورٽ ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ موجود غيرقانوني پناهگيرن کي فوري ڊي پورٽ ڪرڻ جو حڪم، ايف آئي اي، نادرا، اي اين ايف ۽ پوليس تي مشتمل ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ جو فيصلو، آئي جي سنڌ چيو آهي ته غيرقانوني پناهگيرن لاءِ هولڊنگ سينٽر مختص ڪيا ويندا، اسٽريٽ ڪرمنلن خلاف اعلان جنگ آهي. ڪالهه سي پي او ۾ آئي جي سنڌ راجا رفعت مختار جي صدارت ۾ امن امان جي صورتحال بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايڊيشنل آئي جي ڪراچي خادم رند ڏوهارين خلاف جاري ڪاررواين، غيرقانوني پناهگيرن ۽ اسمگلنگ بابت بريفنگ ڏني. آئي جي سنڌ حڪم ڪيو ته غيرقانوني پناهگيرن کي جلد کان جلد ڊي پورٽ ڪيو وڃي، غيرقانوني پناهگيرن جي حوالي سان سنڌ حڪومت کي به سفارشون اماڻي رهيا آهيون، جن ۾ ايف آئي اي، اي اين ايف، نادرا ۽ پوليس تي مشتمل جوائنٽ ٽاسڪ فورس ٺاهڻ شامل آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت کي مختلف هنڌن تي غيرقانوني پناهگيرن لاءِ هولڊنگ سينٽر مختص ڪرڻ جي سفارش به ڪنداسين. هن چيو ته اسٽريٽ ڪرمنلن خلاف اعلان جنگ آهي، سندن خاتمو آڻڻ يقيني بڻائڻو پوندو، پوليس کان هفتيوار پروگريس رپورٽ وٺندس، بارڊر ايرياز ۽ سرحدي علائقن مان چرپر جي ڪڙي نگراني ڪئي وڃي، لاڳاپيل ادارن سان گڏجي اسمگلنگ کي هر حال ۾ روڪيو وڃي. اجلاس کي ايڊيشنل آئي جي ڪراچي ٻڌايو ته نئين پوليس ٽيم ميدان تي اچي وئي آهي ڏوهارين خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪئي آهي، ڪنهن به ڏوهاري کي نه ڇڏيو ويندو