English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿيل ميونسپل ملازمن جي بازيابي لاءِ احتجاج
17 views
|
22nd Sep 2023
•
سنڌي خبرون
عرفان مسيح جي آزادي لاءِ ڌاڙيل ھڪ ڪروڙ گھري رھيا آھن، پوليس ڪا ڪارروائي ناھي ڪئي: وارث
ٺٽو(رپورٽ شفيق ڀٽي) ٺٽي مان عورتاڻي آواز تي ھرکجي گھوٽڪي ۽ ڪنڌ ڪوٽ جي ڌاڙيلن جي ور چڙھيل ٺٽي جي نوجوان ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي اغوا ٿي ويل ملازم عرفان مسيح جي بازيابي لاءِ اغوا ٿي ويل نوجوان جي وارثن، ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي ملازمن، آپڪا يونٽ ميونسپل ڪميٽي ٺٽو ۽ مسيح برادري طرفان ھڪ احتجاجي مظاھرو ميونسپل ڪاميٽي ٺٽو کان ٺٽي شھر جي مين اسٽاپ تائين ڪيو ويو، جنھن ۾ ٺٽي جي سياسي، سماجي، قومپرست اڳواڻن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، احتجاجي مظاھري کي خطاب ڪندي اغوا ٿي ويل عرفان مسيح جي وارثن ماء ۽ وني چيو تہ سندن نوجوان کي اغوا ٿيندي ھڪ ھفتو گذري ويو اھي، پر اڃان تائين بازياب ٿي ناھي سگھيو، سندس آزادي لاء ڌاڙيل ھڪ ڪروڙ روپين جي گھر ڪري رھيا آھن، جيڪا رقم سندن وس کان ٻاھر آھي، ھنن نگران حڪومت جي اعلي اختيارين کان گھر ڪئي تہ اغوا ٿي ويل عـرفان مسيح کي بازياب ڪرائي کين پريشاني کان بچايو وڃي، احتجاج دوران اغوا ڪار ڌاڙيلن پاران اغوا ٿي ويل عرفان مسيح جي گھر واري وٽ سندس موبائل فون تي فون اچي ويئي، جن کيس ڌمڪي ڏيندي چيو تہ فورن کين ھڪ ڪروڙ روپيہ موڪليا وڃن، ٻئي صورت ۾ سندس مڙس کي قتل ڪري درياء ۾ اڇلايو ويندو، آيل فون تي اغوا ٿي ويل ٺٽي واسي نوجوان جي زال ڌاڙيلن کي فون وسيلي منٿون ۽ اپيلون ڪندي رھي تہ منھنجي نياڻين جي واسطي منھنجي ور کي ڪجھ نہ ڪجو، آء مسڪين آھيان اوھان ھڪ ڪروڙ گھريو آھي مون تہ صرف وڏي ڪوششن سان ھن وقت تائين صرف 20 ھزار روپيہ گڏ ڪري سگھي آھيان، ھنن ٺٽو پوليس سميت گھوٽڪي ۽ ڪنڌ ڪوٽ جي پوليس کي اپيل ڪئي تہ ھو پنھنجو ڪردار ادا ڪري ٺٽي جي رھواسي نوجوان کي بازياب ڪرائي کين پريشاني کان بچائين، احتجاجي مظاھري کي ايس ٽي پي اڳواڻ سيد جلال شاھ، راجو قريشي، آپڪا اڳواڻ ارباب سجاد سمون ۽ ٻين پڻ خطاب ڪري متاثر مسيح برادري سان يڪجھتي جو اظھار ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
thatto
ٺٽي
ٺٽو
عورتاڻي آواز
ڌاڙيلن
ميونسپل ڪميٽي
اغوا
0 تبصرے