ٺٽي ۽ مڪلي ۾ بدامني ۽ ڦر جي وارداتن ۾ ملوث ڏوھارين جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو

کوسا برادري برانچ موري وٽ قومي شاھراھھ تي ملھھ پھلوان محمد بخش کوسو جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو ھنيو

ٺٽي ۽ مڪلي ۾ بدامني ۽ ڦر جي وارداتن ۾ ملوث ڏوھارين جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ٺٽي ۽ مڪلي ۾ بدامني ۽ ڦر جي وارداتن ۾ ملوث ڦورن توڙي ملھ پھلوان ڇوپائي مال جي واپاري محمد بخش کوسو کان ڦر ڪندڙ جوابدار پوليس پاران گرفتار نه ڪرڻ خلاف کوسہ برادري جي سوين ماڻھن پاران ٺٽي لڳ برانچ موري وٽ ٺٽو/سجاول قومي شاهراھ تي ڌرڻو ملھ پھلوان محمد بخش کوسو جي اڳواڻي ۾ ھڻي روڊ بلاڪ ڪري سخت نعريبازي ڪندي محمد بخش کوسو ۽ ٻين چيو تہ ڪجھ وقت اڳ مڪلي باء پاس وٽ کانئنس ۽ ٻين کان ٿيل ڦر جي واردات ۾ پوليس پاران نہ ڪا پيش رفت ڪري سگھي آھي ۽ نہ ئي ٿيل ڦر واردات ۾ پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاء تيار آھي، جنھن ڪري اسان ڦر جي وارداتن سبب عدم تحفظ جو شڪار بڻيل آھيون، ھنن چيو تہ اسان ٺٽو ۽ مڪلي پوليس جي ڪارڪردگي مان مطمئن نه آھيون، ھنن گھر ڪئي تہ فوري طور تي ڦورن کي گرفتار ڪري ڦر ڪيل رقم واپس ڪرائي وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رھندو.ڌرڻي سبب ٺٽي کان سجاول بدين ۽ مٺي ڏانهن ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيهجي ويون. جنھن ڪري مسافر سخت پريشان ٿيندا رھيا.