سجاول ۾ عوامي تحريڪ جي سڏ تي ڌارين جي آبادڪاري، سامونڊي پٽي تي قبضي خلاف احتجاجي ريلي

سامونڊي پٽي تي قبضو ٿيڻ نھ ڏينداسين، ھڪ سازش تحت ڌرتي ڌڻين ۾ اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي: اڳواڻ

سجاول ۾ عوامي تحريڪ جي سڏ تي ڌارين جي آبادڪاري، سامونڊي پٽي تي قبضي خلاف احتجاجي ريلي

سجاول (رپورٽ گلشيرميربحر )سنڌ جي سامونڊي پٽي تي قبضا، زرعي انقلاب جي نالي ۾ لکين ايڪڙ زمين نيلام ڪرڻ، بوگس آدمشماري ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف سجاول ۾ عوامي تحريڪ جي سڏ تي هزارين ماڻهن جي ريلي.ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، عبدالقادر رانٽو، اظھار دائوپوٽو، علي محمد پرويز، نور نبي پليجو، عمره سمون، ڊاڪٽر دلدار لغاري، ساجده پرهياڙ، عاطف ملاح، حسين آزاد، مجيد ساگر پرهياڙ، محمد علي ٽالپر، جاکرو نوحاڻي، زوهيب ڪلمتي ۽ ٻين ڪئي.عوامي تحريڪ طرفان بٺورو سجاول اسٽاپ کان پبلڪ پارڪ سجاول تائين سنڌياڻين ۽ مردن جي شاندار ريلي. ريلي ۾ عورتن سميت ٻارڙن جو وڏو انگ شريڪ.,ڪارونجهر، ڪينجهر، هاليجي، ڪوهستان، ڀنڀور، گورک جي نيلامي سنڌ جا ماڻهو قبول نه ڪندا. عوامي تحريڪ, زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن جي نيلامي سنڌ جي وجود تي وار آهي. عوامي تحريڪ جو مرڪزي صدر لال جروار ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي بوگس آدمشماري ذريعي سنڌي ماڻهن کي دائمي طور تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي ويئي آهي. عوامي تحريڪ جو مرڪزي صدر لال جروار سجاول، ٺٽي، ملير، ڄامشوري جون زمينون بلڊر مافيا کي ڏنيون ويون آهن. نور احمد ڪاتيار عوامي تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري, ڌاڙيل راڄ کي سنڌ مٿان مڙهيو ويو آهي، ڪنهن به ماڻهو کي تحفظ نه آهي. عبدالقادر رانٽو عوامي تحريڪ جو اڳواڻ, اغوائن جي ڏوهن ۾ سردار، پوليس ۽ ڌاڙيل گڏيل ملوث آهن. عبدالقادر رانٽو عوامي تحريڪ جو اڳواڻ روزاني معصوم ٻارن ۽ عورتن کي بي دردي سان قتل ڪيو وڃي ٿو، پر قانون جي ڪن تي جونءَ ئي ڪانه ٿي سُري. عمره سمون سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر,سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون ڌارين کي ڏنيون ويون آهن، پر سنڌ جي هاري کي هڪ ايڪڙ به ناهي ڏني ويئي. ڊاڪٽر دلدار لغاري سنڌي هاري تحريڪ جو مرڪزي صدر ,سنڌ جي نياڻين جي تعليم تي اڻ اعلانيل بندش پيل آهي. ساجده پرهياڙ سنڌي گرل اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي صدر سنڌ جي تعليم هٿ وٺي تباهه ڪئي وئي آهي. عاطف ملاح سنڌي شاگرد تحريڪ جو مرڪزي صدر, سجاول ۽ آس پاس جي علائقن ۾ منشيات پوليس جي سرپرستي ۾ وڪرو ٿئي ٿي. حسين آزاد عوامي تحريڪ ضلعي سجاول جو اڳواڻ,تعليم کاتي جي غلط پاليسين ڪري لکين ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر آهن. ذوهيب ڪلمتي سجاڳ ٻار تحريڪ جو مرڪزي اڳواڻ خبر موجب سجاول، ٺٽي، ڪراچي ۽ بدين جي سامونڊي پٽي تي قبضن، سجاول ۽ آس پاس جي علائقن ۾ منشيات، سنڌ جي زمينن جي نيلامي، زرعي انقلاب جي آڙ ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن کي غير ملڪين حوالي ڪرڻ، بوگس آدمشماري وسيلي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ، سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي قائم ڪيل شهنشاهيت، سردارن ۽ رياست جي سرپرستي ۾ بيگناهه سنڌين کي اغوا ڪري انهن جي وارثن کان ڀنگ وصول ڪرڻ جي ڪڌي ڪاروبار، ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۽ پنجاب پاران سنڌ جي حصي جي پاڻي تي ڌاڙن خلاف بٺوري سجاول اسٽاپ کان نڪتل ريلي مامون لاڏو چوڪ ۽ شاهي بازار کان ٿيندي پبلڪ پارڪ پهچي جلسي عام ۾ تبديل ٿي ويئي. ريلي ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. ريلي ۾ سنڌ ۾ ڌاريا_نامنظور، سنڌ جي زمينن جي نيلامي_نامنظور، منشيات فروشي_بند ڪريو، ڌاڙيل راڄ_نامنظور، بحريا ٽائون_نامنظور، ذولفقارآباد_نامنظور، ڊي ايڇ اي سٽي_نامنظور، ڪارونجهر جي نيلامي_ بند ڪريو، ڪينجهر تي قبضو_ بند ڪريو، ڀنڀور تي قبضو_ بند ڪريو. جيڪو آئي ايم ايف جو يار آ_ غدار آ غدار آ جا اڀ ڏاريندڙ نعرا لڳايا ويا. ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ عبدلقادر رانٽو، عوامي تحريڪ جي مرڪزي سوشل ميڊيا سيڪريٽري اظھار دائوپوٽي، علي محمد پرويز، نور نبي پليجو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي سينئر نائب صدر عمره سمون، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، عوامي تحريڪ ضلعي سجاول جي صدر حسين آزاد، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ جي مرڪزي صدر ساجده پرهياڙ، مجيد ساگر پرهياڙ ۽ ٻين ڪئي.احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته گذريل 75 سالن کان پاڪستان تي حڪومت ڪندڙ نالي ماتر جمهوري حڪومتن ۽ فوجي ڊڪٽيٽرن مارشل لائون مڙهي ملڪ کي ڦري لٽي اربين کربين روپيا ڪمائي ملڪ جي قومي وسيلن کي عالمي سامراج وٽ وڪرو ڪري ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي آمريڪا سامراج ۽ ان جي ٺاهيل عالمي ادارن آئي ايم ايف، ورلڊ بينڪ ۽ ٻين وٽ وڪرو ڪري ملڪي سالميت کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته گذريل حڪومتن جيان هي نگران حڪومت به عالمي مالياتي سامراجي ادارن آئي ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جي نوڪر جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. سجاول، ٺٽي، ڪراچي ۽ بدين جي سامونڊي پٽي تي قبضو ڪري لکين افغانين ۽ ٻين ڌارين کي قابض ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي. سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين پيپلز پارٽي ۽ پي ڊي ايم جي اڳوڻي وفاقي سرڪار غير ملڪين کي وڪڻي سنڌين کي پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ڪرڻ جي سازش ڪئي زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين غير ملڪين کي ڏيئي سنڌين جي پيرن هيٺيان زمين کسي سنڌ ۾ نئون اسرائيل جوڙي سنڌ کي فلسطين بڻايو پيو وڃي. فيسليٽيشن ڪائونسل جوڙي سنڌ جا سمورا وسيلا، معدنيات ۽ زمنيون غير ملڪين کي وڪڻڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي. سهولتڪاري ڪائونسل سنڌ جي وجود تي وار آهي. معاشي ترقي ۽ زرعي انقلاب جي آڙ ۾ سنڌين کي بي گهر ڪرڻ بند ڪيو ويو وڃي. هن چيو ته ڪراچي، ٺٽي، ڄامشوري، دادو، حيدرآباد، بدين سميت سجاول جي به لکين ايڪڙ زمين تي والار جاري آهي. سنڌ جون زمينون سنڌين کي ڏيڻ بدران غير ملڪين کي ڏيئي ملڪي معشيت جو ڏيوالو ڪڍيو پيو وڃي. سنڌ جي تاريخي ثقافتي ماڳن ۽ مڪانن ڪارونجهر، ڪينجهر، هاليجي، ڪوهستان، گورک، گنجو ٽڪر کي رهائشي اسڪيمن ۽ معاشي ترقي جي آڙ ۾ مسمار ڪيو پيو وڃي. سنڌ جي نگران حڪومت کي سنڌ جا وسيلا، زمينون ۽ تاريخي ماڳ وڪڻڻ جو ڪو به آئيني اختيار ناهي. کيرٿر نيشنل پارڪ تي قبضا مافيا قبضا ڪري رهي آهي. تاريخي ورثي کيرٿر کي مسمار ڪري بحريا ٽائون اڏيو پيو وڃي. آئي ايم ايف جي فرمائش تي تيل ۽ بجلي جا ڳاٽي ٽوڙ اگهه وڌايا وڃن ٿا. روز مره جي شين ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪري مسڪين ماڻهن کان هڪ ويلي جي ماني به کسي ويئي آهي. مهانگائي عوام کي خودڪشين تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار چيو ته زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو پيو وڃي. پيپلز پارٽي سرڪار 15 سالن جي حڪومتي دور ۾ سنڌ ۾ ڪنهن هڪ به هاري کي ايڪڙ زمين نه ڏني، پر عرب ملڪن کي لکين ايڪڙ سنڌ جون زمينون لکي ڏيئي ڇڏيون آهن. سجاول ضلعي جي 13700 ايڪڙ زمين غير ملڪين حوالي ڪئي ويئي آهي. سياحت جي نالي ۾ ڪينجهر ۽ هاليجي ڍنڍ تي قبضي جو نئون منصوبو جوڙيو ويو آهي. سنڌ جو عوام سنڌ جي زمينن، وسيلن جي مالڪي ڪندو. ڪارونجهر، ڪينجهر، هاليجي، گورک، کيرٿر، گنجو ٽڪر سميت تاريخي ماڳ ۽ مڪان سنڌي قوم جي گڏيل ملڪيت آهن انهن مٿان قبضو سنڌي ماڻهو قبول نه ڪندا. عبدالقادر رانٽو چيو ته سنڌ جي 13 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين پيپلز پارٽي جي سهولتڪاري سان نيلام ڪرڻ سنڌ جي وجود مٿان ڪهري وار برابر آهي. بوگس آدمشماري وسيلي سنڌين جي آبادي گهٽ ڏيکاري ويئي آهي. ايم ڪيو ڪيو ايم جي فرمائش تي آدمشماري پنج دفعا وڌائي ايم ڪيو ايم جي پسند جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا. سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو راڄ قائم آهي. ڌاڙيل غريب مسڪين ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي. پوليس ڌاڙيلن جي سرپرست سردارن خلاف ڪو به قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي. اديب، ڪهاڻيڪار، عوامي تحريڪ جي مرڪزي خزانچي علي محمد پرويز چيو ته سنڌ جي حصي جي پاڻي تي پنجاب ناجائز قبضو ڪيو آهي. ضرورت جي وقت سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي. سجاول ۾ پاڻي جي کوٽ آهي جڏهن ته پنجاب ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي. انڊس ڊيلٽا مڪمل تباهه ڪئي وئي آهي. سنڌ ۾ زرعي پاڻي سان گڏ پيئڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ آهي، پر وفاقي سرڪار ۽ سنڌ سرڪار عوام جي بنيادي مسئلن تي اکيون ٻوٽي ويٺل آهن. عمره سمون چيو ته زرداري مافيا سموري سنڌ کي کائي کپائي ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ لاقانونيت ۽ بربريت جو راڄ آهي. معصوم ٻارن ۽ عورتن کي ڪوبه جاني تحفظ نه آهي. سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري چيو ته هن مهانگائي واري دور ۾ سڀني کان وڌيڪ سنڌ جو هاري ڀوڳي رهيو آهي. ٻج ۽ ڀاڻ جون قيمتون آسمان تي پهچايون ويون آهن. زرعي کاتو ڪوبه ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. پيپلز پارٽي پنهنجي 15 سالن جي حڪومتي دور ۾ ڪنهن هڪ به هاري کي زمين جي ٻاڙي به نه ڏني. سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ جي مرڪزي صدر ساجده پرهياڙ چيو ته سنڌ ۾ جاگيردار نظام کي مضبوط ڪيو ويو آهي. غريب نياڻين جي تعليم پرائڻ تي مڪمل بندش پيل آهي. عاطف ملاح چيو ته پيپلز پارٽي ٻين سنڌ دشمن منصوبن سان گڏ سنڌ جي تعليم تباهه ڪري ڇڏي آهي. زرداري مافيا جي ونگارو پوليس لمس جي شاگردن مٿان وحشياڻو تشدد ڪيو آهي جنهن جي مذمت ڪيون ٿا. پوليس جي اهڙي روش مان ثابت ٿيو ته هو زرداري جي فاشسٽ نقطئه نظر تي هلندڙ ادارو آهي. عوامي تحريڪ ضلعي سجاول جي صدر حسين آزاد چيو ته سجاول ضلعي ۾ پوليس ۽ انتظاميا جي ملي ڀڳت وسيلي منشيات جو عذاب آهي. آئيس، گٽڪو، مين پڙي، پان، سفينا، چرس، آفيم، ٺرو ۽ ٻي قسم جي زهريلي منشيات سرعام انتظاميا ۽ پوليس جي سرپرستي هيٺ هلندڙ آهي. پوليس ۽ انتظاميا منشيات فروشن کان منٿلي وصول ڪن ٿا. رشوت عيوض سجاول ضلعي ۾ منشيات سرعام بازارن ۾ وڪرو ٿئي پئي، جنهن نوجوان نسل کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.