English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
آءِ جي سنڌ پاران پوليس اھلڪارن جي اولاد لاءِ فنڊ قائم ڪرڻ جو فيصلو
125 views
|
26th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
اهلڪارن جي ٻارن لاءِ اسڪالر شپ فيسن ۾ وڌيڪ رياعت لاءِ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين سان رابطو ڪرڻ جي هدايت
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا طرفان پوليس اهلڪارن جي ٻارن لاءِ ميريج گرانٽ ايڊوانس ۾ ڏيڻ ۽ فوت ٿيندڙ ملازمن جي ڪفن دفن لاءِ ريوالونگ فنڊ قائم ڪرڻ جو فيصلو، اهلڪارن جي ٻارن لاءِ اسڪالر شپ فيسن ۾ وڌيڪ رياعت لاءِ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين سان رابطو ڪرڻ جي هدايت، ڪالهه آءِ جي سنڌ جي صدارت هيٺ سي پي او ۾ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ پوليس جي ملازمن جي ڀلائي بابت جاري مختلف معاملن ۽ قدمن جو جائزو ورتو ويو. پوليس ترجمان موجب اجلاس ۾ اي آءِ جي ويلفيئر سنڌ بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ شهيدن ۽ فوت ٿيل پوليس آفيسرن ۽ جوانن جي خاندانن کي مالي امداد، معاونت، پوليس اسپتالن ۽ ڊسپينسرين مان مفت طبي امداد ۽ دوائن جي فراهمي، زخمي ۽ بيمار پوليس اهلڪارن لاءِ بحالي الائونس، پوليس اهلڪارن جي ٻارن کي اسڪولن، يونيورسٽين ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ ڏني ويندڙ اسڪالرشپس ۽ ٻين قدمن جو جائزو ورتو ويو اهلڪارن جي ٻارن ۽ خاص ڪري ڇوڪرين لاءِ اڳواٽ شادي جي گرانٽ ڏيڻ تي غور ڪيو ويو. آءِ جي سنڌ چيو ته هوشيار ۽ نمايان مارڪون کڻندڙ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي ٻارن جي اسڪالر شپ فيس ۾ وڌيڪ رعايت لاءِ ڳالهايو وڃي، اي آءِ جي ويلفيئر اسڪالر شپ فراهم ڪندڙ اسڪولن، يونيورسٽين ۽ ٻين تعليمي ادارن سان رابطو ڪري. آءِ جي سنڌ چيو ته ڊيوٽي دوران فوت ٿيل پوليس ملازمن جي جنازي نماز لاءِ ريوالونگ فنڊ قائم ڪيو وڃي، جلد کان جلد دوائون خريد ڪري پوليس اسپتالن، ڊسپينسرين ۾ ورهايون وڃن. اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جي فنانس/ ويلفيئر کان علاوه ڊي آءِ جي هيڊڪوارٽرز سنڌ، ڊي آءِ جي فنانس سنڌ، اي آءِ جي ويلفيئر، فنانس، ايڊمن ۽ لاجسٽڪ سي پي اوز پڻ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
رئيس حاجي بنگل خان چانگ هڪ منفرد شخصيت..!!
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر زرداری کی صحت سے متعلق افواہیں بے بنیاد ہیں: سلیم مانڈوی والا
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی ناکہ بندی کے باوجود آبنائے ہرمز سے ایران کے 34 آئل ٹینکر گزر گئے
23rd Apr 2026
•
سندھ
جاگیردارانہ نظام نامنظور — خواتین کے قتل، تشدد اور ہراسانی کے خلاف کراچی میں احتجاج
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سانگهڙ ويجهو آئل ٽينڪر رڪشا مٿان چڙهي ويو، ماءُ ڌيءَ فوت، 3 ڄڻا زخمي
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي زندگيءَ جھنم بڻائي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: کاروڙو واري علائقي ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول شهر ۾ آمڙا ۽ لوهار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Sindh IG
آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا
پوليس اهلڪارن
اسڪالر شپ
0 تبصرے