English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
آءِ جي سنڌ پاران پوليس اھلڪارن جي اولاد لاءِ فنڊ قائم ڪرڻ جو فيصلو
views
|
26th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
اهلڪارن جي ٻارن لاءِ اسڪالر شپ فيسن ۾ وڌيڪ رياعت لاءِ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين سان رابطو ڪرڻ جي هدايت
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا طرفان پوليس اهلڪارن جي ٻارن لاءِ ميريج گرانٽ ايڊوانس ۾ ڏيڻ ۽ فوت ٿيندڙ ملازمن جي ڪفن دفن لاءِ ريوالونگ فنڊ قائم ڪرڻ جو فيصلو، اهلڪارن جي ٻارن لاءِ اسڪالر شپ فيسن ۾ وڌيڪ رياعت لاءِ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين سان رابطو ڪرڻ جي هدايت، ڪالهه آءِ جي سنڌ جي صدارت هيٺ سي پي او ۾ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ پوليس جي ملازمن جي ڀلائي بابت جاري مختلف معاملن ۽ قدمن جو جائزو ورتو ويو. پوليس ترجمان موجب اجلاس ۾ اي آءِ جي ويلفيئر سنڌ بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ شهيدن ۽ فوت ٿيل پوليس آفيسرن ۽ جوانن جي خاندانن کي مالي امداد، معاونت، پوليس اسپتالن ۽ ڊسپينسرين مان مفت طبي امداد ۽ دوائن جي فراهمي، زخمي ۽ بيمار پوليس اهلڪارن لاءِ بحالي الائونس، پوليس اهلڪارن جي ٻارن کي اسڪولن، يونيورسٽين ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ ڏني ويندڙ اسڪالرشپس ۽ ٻين قدمن جو جائزو ورتو ويو اهلڪارن جي ٻارن ۽ خاص ڪري ڇوڪرين لاءِ اڳواٽ شادي جي گرانٽ ڏيڻ تي غور ڪيو ويو. آءِ جي سنڌ چيو ته هوشيار ۽ نمايان مارڪون کڻندڙ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي ٻارن جي اسڪالر شپ فيس ۾ وڌيڪ رعايت لاءِ ڳالهايو وڃي، اي آءِ جي ويلفيئر اسڪالر شپ فراهم ڪندڙ اسڪولن، يونيورسٽين ۽ ٻين تعليمي ادارن سان رابطو ڪري. آءِ جي سنڌ چيو ته ڊيوٽي دوران فوت ٿيل پوليس ملازمن جي جنازي نماز لاءِ ريوالونگ فنڊ قائم ڪيو وڃي، جلد کان جلد دوائون خريد ڪري پوليس اسپتالن، ڊسپينسرين ۾ ورهايون وڃن. اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جي فنانس/ ويلفيئر کان علاوه ڊي آءِ جي هيڊڪوارٽرز سنڌ، ڊي آءِ جي فنانس سنڌ، اي آءِ جي ويلفيئر، فنانس، ايڊمن ۽ لاجسٽڪ سي پي اوز پڻ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Sindh IG
آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا
پوليس اهلڪارن
اسڪالر شپ
0 تبصرے