ميهڙ: مير نادر مگسي جو نالو شامل ڪرڻ واري مطالبي سبب غلام سرور چانڊيو جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿيو

غلام سرور چانڊيو جي قتل سان ڪو تعلق ناهي، مگسي چانڊيا ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان واقعو ٿيو: مير نادر مگسي

ميهڙ: مير نادر مگسي جو نالو شامل ڪرڻ واري مطالبي سبب غلام سرور چانڊيو جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿيو

ميهڙ ويجهو ٻيٽو جتوئي ۾ گذريل ڏينهن قتل ٿيل غلام سرور چانڊيو جو 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته گذريل رات عورتن ۽ ٻارڙن سميت ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو، اڳوڻي صوبائي وزير نادر مگسي جو نالو شامل ڪرڻ واري مطالبي سبب پوليس ڪيس داخل نٿي ڪري، سندن چوڻ آهي ته نادر مگسي جي چرچ تي علي مردان عرف جبل مگسي، طارق مگسي ۽ ٻين غلام سرور چانڊيو کي قتل ڪيو، پ پ اڳواڻ نادر مگسي الزام رد ڪندي چيو آهي ته غلام سرور چانڊيو جي قتل سان ڪو تعلق ناهي، چانڊيا ۽ مگسي ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار جو به هاڻ اطلاع مليو، ذاتي جهيڙن ۾ برادرين جي چڱن مڙسن جا نالا شامل ڪرڻ سٺو سنئوڻ ناهي، ٻي طرف پ پ اڳواڻ سردار خان چانڊيو مقتول جي تڏي تي پھچي سندس وارثن سان همدردي جو اظهار ڪندي سندس قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي