حيدرآباد: ڌڙابندي ختم ٿيڻ بعد سنڌي ادبي سنگت جو اجلاس منعقد

اجلاس ۾ سيڪريٽري جنرل تاج جويو، آزاد انور ڪانڌڙو، فائزه ايوب، خطائي ٿيٻو، آڊيٽر حسين سارنگ ۽ ٻيا شريڪ

حيدرآباد: ڌڙابندي ختم ٿيڻ بعد سنڌي ادبي سنگت جو اجلاس منعقد

حيدرآباد(بيورو) سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي ھڪ ڪرڻ واري تاريخي فيصلي کانپوءِ ساس جو اجلاس ٿي گذريو، اجلاس ۾ سيڪريٽري جنرل تاج جويو، مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري آزاد انور ڪانڌڙو، عورت جوائنٽ سيڪريٽري فائزه ايوب، خزانچي خطائي ٿيٻو، آڊيٽر حسين سارنگ ۽ ٻيا شريڪ ٿيا،
سنڌ سنگت پاران مرڪزي سطح جون ٽي اھم ڪانفرنسون ۽ سيمينار ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو تھ حيدرآباد ۾ سنڌ سنگت ڊائمنڊ جوبلي ڪانفرنس، ڪراچي ۾ شيخ اياز ڪانفرنس ۽ سکر ۾ سنڌي ناول ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سمورين شاخن جي ميمبر اديبن جي ڊائريڪٽري تيار ڪرائي ويندي،
ڪوڙي بھتان جي بنياد تي قيد ٿيل پروفيسر نوتن لال جي آزادي، معصوم نياڻي پريا ڪماري جي ڌاڙيلن کان آزادي، شھيد جان محمد مھر جي اصل قاتلن جي گرفتاري ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ کنڀيل شھرين توڙي سياسي ڪارڪنن جي آزاديء لاءِ 8 آڪٽوبر تي سڄي سنڌ ۾ سنڌ سنگت جون شاخون مظاھرا ڪنديون، اڳواڻن جو چوڻ ھو تھ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سالن جي انتشار کي 5 مھينن ۾ اتحاد ۽ ايڪي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ليکڪ ۽ ڪالم نگار محمد خان ابڙو جس لهڻي حمد خان ابڙي اوطاقي ڪلچر بدران سنگت جي آئيني ادارن کي اھميت ڏئي تاريخي فيصلي کي يقيني بڻايو
سنڌ سنگت جا مرڪزي عھديدار پاڻ کي خوش قسمت سمجھن جو 6 سالن جو ڏکيو مرحلو 5 مھينن ۾ حل ٿيو ۽ ”ھڪ سنڌ ھڪ ادبي سنگت“ واري خواب کي حقيقت جو روپ مليو
سنڌي ادبي سنگت سنڌ ھر سال 24 سيپٽمبر کي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي ايڪي ۽ اتحاد جو ڏينھن ڪري ملھائيندي،
سنڌ جي سمورن ساڃاهه وند ماڻھن، اديبن توڙي سماج جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ خير خواھن کي ”سنڌ سنگت“ کي ھڪ ڪرڻ جون مبارڪون ٿا ڏيون