نوشھروفيروز ۾ گندگي ۽ صفائي نھ ٿيڻ خلاف شھرين جو احتجاجي مظاھرو

آصف حسين، عتيق وسطڙو، مهر وسطڙو، عبدالجبار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو

نوشھروفيروز ۾ گندگي ۽ صفائي نھ ٿيڻ خلاف شھرين جو احتجاجي مظاھرو

نوشهرو فيروز(ڊ ر) نوشهرو فیروز ۾ گندگي ۽ گٽرن جو گندو پاڻي روڊن تي اُٿلڻ خلاف میونسپل ۽ پبلڪ ھیلٿ انتظاميه خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو بک ھژتال ان موقعي تي محمد یونس راڄپر، خادم سیال، علینواز سولنگی اقبال راڄپر، آصف حسیني، عتیق وسطڙو، مهر وسطڙو، احد میمٹ ذوالفقار چنو، عبدالجبار ۽ ٻين چيو ته ڪروڙین روپیا ڪوڙن بلن ذريعي خرچ ۾ ڏيکاريا وڃن ٿا پر شهر تي ڪنهن جو توجهه ناهي. نوشهرو فيروز ۾ گندگي ۽ گندي پاڻي جو آزار ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي. هنن چيو ته شهر کي تباهه ڪندڙ ميونسپل آفيسر وليد شورو، اڪائونٽس ۽ آڊٽ وارن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي جيڪي چونڊيل نمائندن کان به طاقتور آھن. هنن نئون ڊرينيج سسٽم، رينچ مشين ڏيڻ ۽ ملازمن جو ويزا سسٽم ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ وڌيڪ چيو ته اصل ۾ نوشهرو فيروز شهر انتظامي نا اهلي سبب ٻيهر گٽرن جي گندگي پاڻي ۾ ٻڏي ويو آھي. سول اسپتال روڊ، گرلس هاءِ اسڪول، ججن جي رهائشي بنگلن، رابعه سينٽر سامهون استعيفيٰ ڏيندڙ ميونسپل چيئرمين پير قربان جي بنگلي ڏانهن ويندڙ روڊ سميت شهر اڪثر روڊ ۽ رستا گندي پاڻي ۾ ٻڏل آھن. سالن کان ڊرينيج سسٽم خراب هجڻ سان گڏوگڏ بلدياتي ملازمن جون بلاجواز پگهارون ڪٽڻ تي شهرين جو چوڻ آھي ته شهر کي ٻوڙڻ ۽ ماڻهن کي گهرن ۾ بند ڪرڻ جو ذميوار ٽرانزڪشن آفيسر وليد شورو آھي جنهن ميونسپل ڪاميٽي جي بجيٽ کي ايترو ٻهاريو آھي ۽ کيس ايترو آشيرواد حاصل آھي جو سندس شڪايت ميونسپل چيئرمين پير قربان علي لوڪل گورنمينٽ جي اعليٰ اختيارين سميت پي پي قيادت کي ڏني پر وس نه هلڻ تي هن چيئرميني تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. هنن چيو ته مس مس گذريل برسات جو پاڻي سُڪو هو ۽ هونئن ئي ننڍيون گهٽيون اڪثر گٽرن جي پاڻي ۾ ٻڏل نظر اچن پر ٻيهر مئن روڊ رستا ٻوڙايا ويا آھن جنهن تي ملوث ماڻهن ۽ لاڳاپيل آفيسرن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي. هنن چيو ته شهر جا روڊ رستا جيڪي اسڪولن ۽ اسپتال وڃن ٿا انهن تي گندو پاڻي هلي پيو هر طرف پاڻي جا تلاءَ بيٺا آھن ۽ ڪرپٽ آفيسر توڙي چونڊيل نمائندا خاموش تماشائي بڻيل آھن. ماهوار ڪروڙين رپيا هڙپ ڪيا پيا وڃن ۽ ويزا سسٽم تي وائيٽ ڪالر سوئيپر ۽ ڪلرڪ گهر ويٺي پگهارون کڻن پيا انهن کان به منٿليون اوڳاڙيون وڃن ٿيون هنن ڪرپٽ عملدارن خلاف سخت ڪاروائي نه ٿيڻ جي صورت ۾ ایندژ ھفتی ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻي جو اعلان ڪيو.