English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشھروفيروز ۾ گندگي ۽ صفائي نھ ٿيڻ خلاف شھرين جو احتجاجي مظاھرو
125 views
|
21st Sep 2023
•
سنڌي خبرون
آصف حسين، عتيق وسطڙو، مهر وسطڙو، عبدالجبار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو
نوشهرو فيروز(ڊ ر) نوشهرو فیروز ۾ گندگي ۽ گٽرن جو گندو پاڻي روڊن تي اُٿلڻ خلاف میونسپل ۽ پبلڪ ھیلٿ انتظاميه خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو بک ھژتال ان موقعي تي محمد یونس راڄپر، خادم سیال، علینواز سولنگی اقبال راڄپر، آصف حسیني، عتیق وسطڙو، مهر وسطڙو، احد میمٹ ذوالفقار چنو، عبدالجبار ۽ ٻين چيو ته ڪروڙین روپیا ڪوڙن بلن ذريعي خرچ ۾ ڏيکاريا وڃن ٿا پر شهر تي ڪنهن جو توجهه ناهي. نوشهرو فيروز ۾ گندگي ۽ گندي پاڻي جو آزار ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي. هنن چيو ته شهر کي تباهه ڪندڙ ميونسپل آفيسر وليد شورو، اڪائونٽس ۽ آڊٽ وارن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي جيڪي چونڊيل نمائندن کان به طاقتور آھن. هنن نئون ڊرينيج سسٽم، رينچ مشين ڏيڻ ۽ ملازمن جو ويزا سسٽم ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ وڌيڪ چيو ته اصل ۾ نوشهرو فيروز شهر انتظامي نا اهلي سبب ٻيهر گٽرن جي گندگي پاڻي ۾ ٻڏي ويو آھي. سول اسپتال روڊ، گرلس هاءِ اسڪول، ججن جي رهائشي بنگلن، رابعه سينٽر سامهون استعيفيٰ ڏيندڙ ميونسپل چيئرمين پير قربان جي بنگلي ڏانهن ويندڙ روڊ سميت شهر اڪثر روڊ ۽ رستا گندي پاڻي ۾ ٻڏل آھن. سالن کان ڊرينيج سسٽم خراب هجڻ سان گڏوگڏ بلدياتي ملازمن جون بلاجواز پگهارون ڪٽڻ تي شهرين جو چوڻ آھي ته شهر کي ٻوڙڻ ۽ ماڻهن کي گهرن ۾ بند ڪرڻ جو ذميوار ٽرانزڪشن آفيسر وليد شورو آھي جنهن ميونسپل ڪاميٽي جي بجيٽ کي ايترو ٻهاريو آھي ۽ کيس ايترو آشيرواد حاصل آھي جو سندس شڪايت ميونسپل چيئرمين پير قربان علي لوڪل گورنمينٽ جي اعليٰ اختيارين سميت پي پي قيادت کي ڏني پر وس نه هلڻ تي هن چيئرميني تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. هنن چيو ته مس مس گذريل برسات جو پاڻي سُڪو هو ۽ هونئن ئي ننڍيون گهٽيون اڪثر گٽرن جي پاڻي ۾ ٻڏل نظر اچن پر ٻيهر مئن روڊ رستا ٻوڙايا ويا آھن جنهن تي ملوث ماڻهن ۽ لاڳاپيل آفيسرن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي. هنن چيو ته شهر جا روڊ رستا جيڪي اسڪولن ۽ اسپتال وڃن ٿا انهن تي گندو پاڻي هلي پيو هر طرف پاڻي جا تلاءَ بيٺا آھن ۽ ڪرپٽ آفيسر توڙي چونڊيل نمائندا خاموش تماشائي بڻيل آھن. ماهوار ڪروڙين رپيا هڙپ ڪيا پيا وڃن ۽ ويزا سسٽم تي وائيٽ ڪالر سوئيپر ۽ ڪلرڪ گهر ويٺي پگهارون کڻن پيا انهن کان به منٿليون اوڳاڙيون وڃن ٿيون هنن ڪرپٽ عملدارن خلاف سخت ڪاروائي نه ٿيڻ جي صورت ۾ ایندژ ھفتی ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻي جو اعلان ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
پاکستان پیپلزپارٹی کے چیئرمین بلاول بھٹو زرداری کی نہال ہاشمی کو سندھ کا گورنر بننے پر مبارک باد
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
صدرِ مملکت آصف علی زرداری کی نہال ہاشمی کو گورنر سندھ تعینات کرنے کی منظوری
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
علاقائی کشیدگی: عوام کے لیے بری خبر، پٹرولیم وزیر نے خطرے کی گھنٹی بجا دی
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
اہم سیاسی شخصیات اور اعلیٰ عہدہ داروں کے قریبی افراد کاروبار نہیں کر سکیں گے، ریگولیشنز تیار
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مڪلي باءِ پاس موڙ وٽ ڊمپر جهوپڙي مٿان چڙهي ويو،ماءُ ڌيءَ ۽ پٽ سميت فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ميرواھ گورچاڻي ڀرسان مسافر ڪوچ جو 2موٽرسائيڪلن کي ٽڪر، پيءُ ڌيءَ سميت 4 ڄڻا فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: هاشم خاصخيلي ڳوٺ جي سيوريج لائين ۾ غيرقانوني ڪنيڪشن لڳائڻ خلاف احتجاج
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
شاهه لطيف ٽائون واسڻ عورت جو ٿاڻي اڳيان احتجاج جو نوٽيس, ايس ايس پي انويسٽيگيشن اڻ ڌري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Sindh
Noshahroferoz
0 تبصرے